”تاريخ جي خوني گلين مان هر وقت صدا ڪا ايندي آهي…“

Spread the love

اڄ ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي شهادت جو ڏينهن آهي ۽ ان ڏينهن شيخ اياز جي شعر جي هي سٽ ذهن تي تري اچي ٿي ته ” تاريخ جي خوني گلين مان هر وقت صدا ڪا ايندي آهي، هر وقت لهو جي لاڙن ڏي ڪا توکي ڇڪ ڇڪيندي آ. تاريخ هر سال 9 آگسٽ تي تاريخ کي ئي انهن خوني گلين ۾ وٺي ويندي آهي جتي ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي ٽارچر سيل ۾ لاڳيتو تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو هو. جڏهن اهي رهزن ڪامريڊ نذير عباسيءَ کي اڪيلو سمجهي ٽارچر سيل ۾ مٿس وحشياڻو تشدد ڪري رهيا هئا ته تڏهن کين ذرو به اهو اندازو نه هو ته ڪا تاريخ هيءُ ظلم ڏسي رهي آهي ۽ اها اکين ڏٺي شاهد بڻجي رهي آهي. کين ان حقيقت جو بلڪل به اندازو نه هو ته ڪو مستقبل ۾ کانئن هن خون جو حساب ڪتاب ورتو ويندو ۽ پوءِ واقعي به ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي خون جو حساب تاريخ وٺي ڏيکاريو هو.

تاريخ شهيد نذير عباسي جي قاتلن کي عوام جي عدالت ۾ بيهاري کانئن حساب ڪتاب ڪري چُڪي آهي برگيڊيئر  امتياز جنهن تي ڪامريڊ نذير عباسي کي ٽارچر ڪري پڇا ڳڇا ڪرڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جا  راز معلوم ڪرڻ جو ڪم سونپيل هو تنهن کان جيئري ئي ڪجهه سال اڳ لڳ ڀڳ هر ٽي وي چئنل تان ڪامريڊ نذير عباسي کي شهيد ڪرڻ بابت انتهائي جارحاڻي انداز سان پڇا ڳڇا ڪئي پئي وئي ۽ اسان ڏٺو پئي ته سندس پيشانيءَ تان ڪيئن  لاڳيتو پگهر پيا وهن ۽ ڪيئن زبان سندس ساٿ ڏيڻ کان جواب ڏئي رهي هئي، اهو ڇا هو، اهو ئي ته تاريخ جو پڇاڻو ۽ حساب ڪتاب هو. اسان ته پوءِ مڪافات عمل به ڏٺوسين. برگيڊيئر امتياز کي گهر وارن ڌڪا ٿاٻا ڏئي ڪيئن گهر مان ڪڍيو هو تنهن تذليل جي وارتائن جون ويڊيو به وائرل ٿيندي اسان ڏٺيون هيون. جڏهن ته ٻئي پاسي ڪامريڊ نذير عباسيءَ تي نه رڳو سندس ڌيءَ زرقا، سندس وني ميڊم حميده گهانگهرو، ڪامريڊ جي ماءُ، سندس ڀائر، ڀينر، مٽ مائٽ ۽ سڄي ڪميونسٽ پارٽي، ان جا اڳواڻ ۽ ورڪر پر خود تاريخ مٿس فخر ڪرڻ کان نه ٿي ٿڪجي.

 اهڙي فخر لائق تاريخي شخصيت کي مڪمل طور تي قلمبند ڪرڻ جو احساس ستائيندو رهيو آهي. ان ڏس ۾ پهريون وڏو ڪم ميڊم حميده گهانگهرو ڪيو ته هن ڪامريڊ نذير عباسي تي لکيل سڀ مضمون، ڪالم، ايڊيٽوريل، شاعري جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيون هيون تن کي سهيڙي ڪتاب ” جنهن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو“ جي عنوان سان شايع ڪرايو. اهو اهڙو ڪتاب آهي جيڪو هميشه ريفرنس طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. اهو ڪتاب پاڻ اڄ تاريخي ڳٽڪو بڻجي چڪو آهي. جنهن به ماڻهوءَ کي ڪامريڊ نذير عباسي جي زندگي ۽ شهادت بابت ڪا معلومات وٺڻي هوندي، ڪا تحقيق  ڪرڻي هوندي ڪو حوالو ڪڍڻو پوندو  ته ان کي اهو ڪتاب لازمي  طور پڙهڻو پوندو. جيڪڏهن اهو ڪتاب هاڻي مارڪيٽ ۾ ناهي يا ناياب ٿي ويو آهي ته ان کي ٻيهر به شايع ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب کي هر دور ۾ آهي ۽ بار بار پڙهيو ويندو ۽ هر سياسي نسل ۽ شاگرد طبقو پڙهندو رهندو ۽ ان کي پڙهڻ به گهرجي.

 پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته ڪو اهو ڪم بس پورو ٿي ويو آهي. ڪامريڊ نذير عباسيءَ جي زندگي تي اڃان گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي. سندس ذاتي ۽ سياسي سرگرميون، واقعا، قصا، ڳالهيون، سندس ڳالهايل لفظ ۽ جملا اسان سڀ پڙهڻ ۽ معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا. هي ته سندس زندگي جي مواد جي ڳالهه آهي پر انور پيرزادي صاحب ته سندس شهادت بابت به معلومات ملڻ جي خواهش ظاهر ڪندي پنهنجي مشهور ڪالم ”متان وساريو“ ۾ لکيو هو ته ”جيئن آمريڪا 30 سالن کان پوءِ پنهنجا ڳجها سياسي دستاويز ظاهر ڪندو آهي تيئن اسان جي رياست کي به گهرجي ته اها اسان کي شهيد نذير عباسيءَ بابت معلومات ڏئي ته هو ڪيئن گرفتار ٿيو، ڪيترا ڏينهن ۽ ڪيتريون راتيون هن مٿان ڪهڙو ڪهڙو تشدد ڪيو ويو، هن کان ڇا ڇا پڇيو ويو، هن ڪهڙن سوالن جا ڪهڙا جواب ڏنا، هن بهادر سنڌي ڪميونسٽ موت  کي ڪيئن منهن ڏنو، هن جا آخري لفظ ڪهڙا هئا… اها معلومات انهن ماڻهن کي عام ڪرڻ گهرجي جن هن کي شهيد ڪيو هو. اهو تاريخ جي رڪارڊ کي درست رکڻ لاءِ ضروري آهي.“

اسان اهو به سمجهندا آهيون ته جيڪي شخصيتون تاريخ ساز ٿينديون آهن، غير رواجي ۽ غير معمولي ٿينديون آهن تن کي پوءِ تاريخ به وساري يا نظر انداز نه ڪري سگهندي آهي ۽ ان جو پيڇو ڪندي رهندي آهي.

سو ڪامريد نذير عباسي کي اسان ياد نه ٿا ڪريون پر ان کي تاريخ ياد ڪري ٿي سو به سونهري لفظن ۾. سو ڪامريڊ نذير عباسيءَ انهن شخصيتن مان هڪ آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ مان نه رڳو سکيو پر هن زندگي کي به زندگي ڏيڻ جا ڪم ڪيا، ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ يادگار ڪم ڪيا. هو انهن شخصيتن مان به هڪ هو جنهن صرف زماني جي اکين سان دنيا کي نه ڏٺو، زماني جي ڪنن سان نه ٻڌو، زماني جي زبان سان نه ڳالهايو پر هن زماني کي پنهنجي اکين سان ڏٺو، پنهنجي ڪنن سان ٻڌو ۽ پنهنجي زبان سان ڳالهايو. مطلب ته هن کي جيڪا زندگي ملي جيڪو سماج مليو ۽ جيڪو ملڪ جو دستور مليو تنهن تي اکيون ٻوٽي نه هليو پر زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي، سماج ڪهڙو هئڻ گهرجي ۽ ملڪي نظام ڪيئن هجي تنهن بابت سندس پنهنجي سوچ، پنهنجو فڪر ۽ پنهنجو نظريو هو جيڪو عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف  ڪري ڇڏي هئي. اهو نظريو هو ڪميونزم ۽ سوشل ازم جو، هر قسم جي استحصال، ظلم، زيادتين ۽ ناانصافين کان پاڪ غير طبقاتي نظام. جنهن جي جدوجهد کي وقت جي حڪمرانن ڏوهه سمجهي کيس شهيد ڪري ڇڏيو پر وقت ۽ حالتن ثابت ڪيو آهي ته آخري فتح شهيد نذير عباسي جي انقلابي سوچ  ۽ نظريي جي ئي ٿيڻي آهي جنهن لاءِ هن عظيم انسان پنهنجي قيمتي جان قربان ڪري ڇڏي هئي.

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو