کوکراپار گرلس اسڪول اعظم آباد ۾ آزادي ڏينه جي موقعي تي تعليم جي شعور لاءِ واڪ ۽ تقريب، نياڻين جي تعليم کي وڌائڻ تي زور

ملير (ڊر ) کوکراپار گورنمينٽ گرلس سيڪنڊري اسڪول اعظم آباد ۾ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان تعليمي شعور اجاگر ڪرڻ،لاءانرولمينٽ وڌائڻ ۽ نياڻين جي تعليم بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پر وقار تقريب ۽ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو.واڪ 5 نمبر چوڪ کان شروع ٿيو جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو 4 نمبر چوڪ تائين ڪيو ويو،
جنهن ۾ شاگردياڻين، والدين، استادن، سياسي، سماجي اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي. واڪ جو مقصد تعليم بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ عوام کي پيغام ڏيڻ هو ته “تعليم ئي ترقي، ڀلائي ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهي.
تقريب جي مهمان خاص رياض بلوچ (نائب صدر پي پي پي ضلع ملير، پارلياماني ليڊر TMC ملير) خطاب ڪندي چيو ته تعليم صرف روزگار لاءِ نه، پر اها باشعور سماج، سٺي سوچ ۽ بهتر شخصيت جي تعمير لاءِ ضروري آهي تقريب کي چيئرمين يوسي غريب آباد علي نواز پرھياڙ سينيئر هيڊ مسٽريس شازيه بروهي سليم خميساڻي ايوب مندره نجمه ھاشم ياسر ڀٽو اقبال ڪوٽيسري عارف سنگھار نعمان حسين مان سميت ڪيترن ئي معزز مهمانن واڪ ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو
آگسٽ 7, 2025