ٽه ملڪي سيريز: پاڪ-افغان دنگل دوران ڦڏي کان بچڻ لاءِ انتظاميا سخت قدم کڻي ورتا

شارجا (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي دنگل کان اڳ شارجا اختيارين اسٽيڊيم ۾ سخت سيڪيورٽي قدمن جو اعلان ڪندي ٻنهي ملڪن جي تماشائين کي ڌار ڌار اسٽينڊز ۾ ويهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز هلندڙ مهيني جي آخر ۾ شروع ٿيندي، جنهن ۾ ميزبان گڏيل عرب امارتن جي ٽيم به حصو وٺندي.
انتظاميه اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي شوقينن کي ڌار ڌار اسٽينڊز ۾ ويهاريو ويندو ۽ انهن لاءِ الڳ انٽري پوائنٽس مقرر ڪيا ويا آهن.
اهو فيصلو ماضي ۾ ٻنهي ٽيمن جي ميچن دوران ٿيل تڪراري واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ته جيئن هن ڀيري موجود شوقينن لاءِ پرامن ۽ محفوظ ماحول بڻائي سگهجي.
رپورٽ موجب، ٽڪيٽن جي وڪري به قوميت جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي ته جيئن هر ٽيم جا سپورٽرز پنهنجي مخصوص حصي ۾ ويهي ميچ ڏسي سگهن.
واضح رهي ته شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ تماشائين جي گنجائش 16 هزار آهي ۽ سيريز جون سموريون ميچون اتي ئي کيڏيون وينديون.
ياد رهي ته ٽه ملڪي سيريز 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، پهرين ميچ 29 آگسٽ تي شام 7 وڳي پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.