ٺٽو: سِوِل اسپتال جي گائني وارڊ ۾ لاپرواهي سبب عورت فوت، وارثن جو احتجاج ۽ جاچ جو مطالبو

ٺٽو( رپورٽ: نظير احمد قريشي) سِوِل اسپتال ٺٽو جي گائني وارڊ ۾ لاپرواهي، ڊليوري کان پوءِ عورت فوت، وارثن جو احتجاج سِوِل اسپتال ٺٽو جي گائني وارڊ ۾ افسوسناڪ واقعو، ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ وڏيرو محمد حسين دڦراڻي جي رهواسي الهڏنو دڦراڻي جي نياڻي، غلام رسول دڦراڻي جي گهر واري، ڊليوري کان پوءِ خون بند نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي.
اطلاعن موجب فوتي عورت کي ٻن ڏينهن اڳ اسپتال ۾ ڊليوري لاءِ آندو ويو هو، جتان ڊليوري بعد خون جاري رهڻ باوجود اسپتال انتظاميه طرفان کيس ڊسچارج ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته بار بار عملدارن کي عورت جي بگڙجندڙ طبيعت بابت آگاهه ڪيو ويو، پر اسپتال عملي جي لاپرواهي، نان ٽيڪنيڪل اسٽاف جي اڻڄاڻائي ۽ وقت تي صحيح طبي امداد نه ملڻ سبب عورت تڙپي تڙپي منجھند ڌاري فوت ٿي وئي.
فوتي عورت جي وارثن اسپتال انتظاميه تي سخت الزام لڳائيندي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي، ذميوار عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا المناڪ واقعا ٻيهر پيش نه اچن. لاش جيئن ئي ڳوٺ پهتو، تڏهن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي.
آگسٽ 7, 2025