ٺاروشاھ ڀرسان درٻيلو اسپتال بدانتظامي جو شڪار، ڊاڪٽر خانگي اسپتال ۾ مصروف، سهولتون ناياب، عوام جو احتجاج

ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگى) ٺاروشاھ ڀرسان درٻيلو اسپتال تباهيءَ جي ڪناري، ڊاڪٽر اسمہ مخدوم خانگي اسپتال تي مصروف، اسپتال هيٺئين عملي حوالي، پڇڻ تي بدتميزي درٻيلو : سرڪاري اسپتال تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي وئي آهي، ايم ايس ڊاڪٽر اسمہ مخدوم اڪثر پنهنجي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۽ ميٽرنٽي هوم ۾ مصروف رهي ٿي،
جڏهن تہ اسپتال جو اڪثر عملو پڻ ويزا تي موڪليل اٿس.. مريضن دانهيو آهي تہ اسپتال ۾ ڪا سهولت ناهي، ڊاڪٽر دوائون بہ اهڙيون لکي ڏين ٿا جيڪي کين ڊاڪٽر اسمہ مخدوم جي ميڊيڪل اسٽور تان ئي ملي سگهن ٿيون جڏهن تہ سرڪاري طور تي چنڊ ٽڪيون ئي ملن پيون… ٻئي پاسي صحافين جڏهن رات جو اسپتال جي خالي هئڻ بابت ڊاڪٽرياڻي کان پهتو تہ ڊاڪٽرياڻي پاڻ جواب ڏيڻ بجاءِ سندس والد ۽ ڀاءُ ڳالهائڻ لڳا ۽ بدتميزي جو مظاهرو ڪرڻ لڳا..
علائقي جي ساڃاھ وندن صحت کاتي جي اعلي اختيارين کي 100 کان مٿي ڳوٺن جي واحد سهاري ان اسپتال جي تباهي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.
آگسٽ 7, 2025