وفاقي حڪومت جو پي آءِ اي، روزو ويلٽ هوٽل سميت 24 سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت 24 سرڪاري ادارن جي ٽن مرحلن ۾ خانگائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سرڪاري ادارن کي خانگائڻ بابت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
عبدالعليم خان طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب، پهرئين مرحلي ۾ هڪ سال دوران 10 ادارن کي خانگايو ويندو، ان کانپوءِ پوءِ ايندڙ هڪ کان ٽن سالن دوران 13 ادارا خانگايا ويندا، جڏهن ته هڪ اداري جي نجڪاري لاءِ ٽن کان پنجن سالن جو آخري مرحلو هوندو. قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل جواب موجب، پهرين مرحلي ۾ قومي ايئر لائين، روزويلٽ هوٽل ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ جي نجڪاري ڪئي ويندي، آئسڪو سميت 3 ڊسڪوز جي نجڪاري به پهرئين مرحلي ۾ ڪئي ويندي.
عبدالعليم خان موجب، ٻئي مرحلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۽ 4 جنڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ليسڪو سميت 6 ڊسڪوز جي جي نجڪاري به ٻئي مرحلي ۾ ٿيندي.