نوابشاهه: سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا لاءِ جاگرتا پروگرام، نياڻين جي تعليم تي زور

Spread the love

نواب شاھ( رپورٽُ: عبدالفتاح رند) تعليم کاتي شھيد بينظيرآباد ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايليمنٽري فرحين ڏاھري پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي حوالي سان غلام حيدر شاھ ڪالوني گرلز اسڪول ۾ ھڪ جاگرتا پروگرام منعقد ڪيو ويو، جڏھن ته پروگرام ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سليم ڀٽي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري مسعود سھتو، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري فرزانه ميمڻ، ڊائريڪٽر لائبريري مولا داد ڳاھو، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر يونس ملاح، آر ايس يو ڪوآرڊينيٽر جاويد ڪيريو،

تعلقه ايجوڪيشن آفيسر فيميل فرحين ڏاھري سميت مختلف اسڪولن جي ھيڊ ماسترن، استادن ۽ اسڪولي ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن بعد جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جنھن کي خطاب ڪندي تعليم کاتي جي آفيسرن چيو ته قومن جو مستقبل تعليم سان آھي، ھنن چيو ته نياڻين جي تعليم سڀ کان اھم آھي، والدين کي گھرجي ته نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏين، ڇو ته نياڻين جي تعليم سان ئي قومون ترقي ڪنديون آھن، ھنن چيو ته اسان سڀني جي ذميواري آھي ته گلن جھڙن ٻارڙن کي  سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا ڪرايون ۽ کين تعليم ڏياري ملڪ ۽ قوم جو نالو روش ن ڪيون،

ھنن چيو ته اسان استادن جي ذميواري آھي ته اسان ٻارڙن جي والدين کي پابند ڪيون ته اھي پنھنجي گلن جھڙن ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن ته جئين اھي بھتر تعليم پرائي سگھن، ھنن چيو ته تعليم سان ئي شعور پيدا ٿيندو آھي، معاشري جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ضروري آھي ته ٻارن کي تعليم ڏياريون.

آگسٽ 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو