نوابشاهه جي جنيد ڪالوني ۾ صحت کاتي جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ، سوين مريضن جو علاج ۽ دوائون فراهم

Spread the love

نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي خاص هدايتن تي جنيد ڪالوني ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ، سوين مريضن جو علاج، ۽ دوائون پڻ ورهايون ويون خبر موجب انساني خدمت جو جذبـو، غريبن لاءِ ساه وارو سهارو بڻجي سامهون آيو، جتي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي خاص هدايتن تي، ضلع شهيد بينظير آباد جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسد الله ڏاهري جي پاران نوابشاهه جي علائقي جنيد ڪالوني ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو اهتمام ڪيو ويو.

ڪيمپ ۾ سوين پورهيتن، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جي بيمارين جو معائنو ڪري دوائون فراهم ڪيون ويون. ڪيمپ ۾ هيپاٽائٽس بي ۽ سي، مليريا، بليڊ پريشر، شوگر، ساه جي تڪليف، چمڙي جون بيماريون، عورتن جي صحت، ٻارن جي صحت، جي سميت ويڪسينيشن پڻ ڪيون ويون جن ماڻهن جو تفصيلي چيڪ اپ ڪيو. ان کانسواءِ فوري ضرورت تحت دوائون به مفت ڏنيون ويون، انھي موقعي تي ڊاڪٽر اسد الله ڏاهري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي خاص هدايتن تي اسين هتي مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي آھي،

جتي سوين ماڻهن جي خدمت جو موقعو مليو. جلد ئي ٻين ٻهراڙين، وسندين ۽ آبادين تائين به اهڙيون ڪيمپون وڌايون وينديون. ڪيمپ ۾ آيل ماڻهن پاران خوشي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته اسان غريب ماڻهن لاءِ اها وڏي نعمت آهي، جو اسين بغير ڪنهن خرچ جي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائي سگهون ٿا. اڳي پئسا نه هجڻ ڪري مريض دوائن کان به محروم رهندا هئاسين، پر هاڻي اها تڪليف گهٽ ٿي آهي. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس نوابشاهه جي ٽيم طرفان ٻڌايو ويو ته اڄ جي ڪيمپ ۾ چيڪ اپ، دوائن جي ورڇ، ۽ اوئرنيـس پڻ ڏني وئي.

هنن جو چوڻ هو ته نه رڳو علاج پر ماڻهن کي بيمارين کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرن بابت به آگاهي ڏني وئي. ڊاڪٽرن پاران صحت مند طرزِ زندگي، صفائي، پاڻي جي حفاظت ۽ واک جو مشورو به ڏنو ويو. ڊاڪٽر اسد اللھ ڏاھري چيو تہ نوابشاهه جهڙي شهر جي پورهيت علائقن ۾ اهڙيون ڪيمپون انساني ڀلائي لاءِ نهايت اهميت رکن ٿيون. جتي نه رڳو علاج ملندو آهي، پر ماڻهن جي اميد به بحال ٿيندي آهي. صحت واري وزير جو هي قدم نه صرف سياسي واعدن جو عملي روپ آهي، پر عوام جي دلين ۾ خلوص جو پيغام به آهي.

آگسٽ 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو