مٺي: صوبائي محتسب جي هدايت تي صادق فقير چوڪ تي کُلي ڪچهري، عوامي مسئلا ٻڌي حل ڪرڻ جي هدايتون جاري

Spread the love

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ محمد سهيل راجپوت (ستاره امتياز) جي هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي ٿرپارڪر محمد عمر پنهور پاران مٺي جي صادق فقير چوڪ تي عوامي مسئلا ٻڌڻ لاءِ هڪ کُلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي.

ان موقعي تي هن ضلعي ٿرپارڪر جي عوام جون شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي، ھن پاران منعقد ڪيل  کليل ڪچهري ۾ شهرين ۽ مختلف ڳوٺن کان آيل ماڻهن پيئڻ جي پاڻي، تعليم، منشيات، چورين، صحت، روينيو سميت مختلف مسئلن بابت شڪايتون ڪيون ويون،

هن چيو ته اوهان جي درخواستن تي لاڳاپيل ادارن کان جلد جائز مسئلا حل ڪرايا ويندا. هن چيو ته عوام جا جائز مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ وچ چوڪ تي کليل ڪچهري رکي وئي آهي ته جيئن عوام جا مسئلا ٻڌي ۽ حل ڪري سگهجن. ريجنل ڊائريڪٽر محمد عمر پنهور چيو ته مون ضلعي جي مختلف شھرن ۾ کُليل ڪچهريون قائم ڪري تعليم، آروپلانٽ،

منشيات جي ڪنٽرول ۽ صحت متعلق معاملا حل پڻ ڪرايا آھن ۽ اڃان به وڌيڪ بهتر ڪرائڻ جي ضرورت آھي. کليل ڪچهري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي عمير اشرف، ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ليکراج سارنگاڻي، ايم ايس سول اسپتال مٺي ڊاڪٽر هريش ڪمار، ميونسپل آفيسر مٺي سعيد احمد بروھي سميت عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

آگسٽ 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو