عرفي جاويد کي محبت ٿي وئي: شرميلي محبوب سان هر هفتي ملڻ ويندي آهيان: اداڪارا

Spread the love

ممبئي جي رنگين دنيا، شهرت، فيشن ۽ ڪئميرا جي چمڪن ۾ گھريل ۽ ڪنهن حد تائين تڪراري اداڪارا عرفي جاويد هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي وئي آهي.

هن ڀيري خبر جو سبب ڪو نئون بولڊ لباس نه، پر سندس دل جي ڳالهه آهي. عرفي جاويد اعتراف ڪيو آهي ته هوءَ دهلي ۾ رهندڙ هڪ شرميلي ڇوڪري لاءِ دل سان سنجيده آهي.

عرفي، جيتوڻيڪ پنهنجي بواءِ فرينڊ جو نالو ظاهر نه ڪيو، پر ايترو ضرور ٻڌايو ته اهو شرميلي طبيعت وارو ڇوڪرو آهي جيڪو سوشل ميڊيا ۽ شوبز کان ڪوهه پري آهي.

عرفي هڪ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪندي چيو ته جڏهن هوءَ هن ڇوڪري سان ملي، تڏهن ان جي شادي جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، پر عرفي جي موجودگي سبب اهي ڳالهيون طئي ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويون.

جڏهن انٽرويو ڪندڙ يوٽيوبَر شرارتي انداز ۾ کانئس پڇيو ته “اوهان اتي ڇا ڪري رهي هيا؟” ته عرفي مسڪرائيندي جواب ڏنو: “مان پنهنجي دوستن سان گڏ هئس۔”

عرفي جاويد چيو ته جنهن شخص کي هوءَ پسند ڪرڻ لڳي آهي، اهو سندس مزاج جي مڪمل ابتڙ آهي،کيس نه ڪئميرا وڻندو آهي، نه ميڊيا ۽ نه ئي ماڻهوءَ جي ميڙ ۾ وڃڻ پسند آهي.

ادڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته اهو ڇوڪرو ممبئي جو نه، پر دهلي جو آهي، جنهن جو قد 6 فُٽ 4 انچ آهي۔ عرفي چيو ته“مان هر هفتي جي آخر ۾ دهلي ويندي آهيان۔”

عرفي جاويد کلندي چيو: “جيڪڏهن اتي پاپارازي اچي ويو ته منهنجو بواءِ فرينڊ سڌو ڀڄي ويندو!”

آگسٽ 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو