سڪرنڊ ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي معرڪه حق ريلي، شاگردن ۽ سماجي اڳواڻن جي وڏي شرڪت، پاڪستان زنده باد جا نعرا

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ پاران سڪرنڊ جي مختلف سماجي تنظيم سان گڏ سوشل آفيس کان سڪرنڊ پريس ڪلب تائين معرڪه حق ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ هاءِ اسڪول سڪرنڊ جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي سڪرنڊ پريس ڪلب جي آڳنڌ تي ملهايل جشن تقريب کي مختلف تنظيمن جي سربراهن خطاب ڪيو جن ۾ شهري اتحاد جو صدر سانول ڪيريو ،

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مشتاق جمالي ، سيوا جو صدر قربان علي شاھ ، سي ڊي ايف جو چيئرمين عبدالحميد آرائين ، ھاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر اقبال احمد چانڊيو ، شهري اتحاد جو سرپرست نياز لاشاري جن الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته اسان هن سال معرڪه جي شاندار ڪاميابي بعد خوشين کي ٻيڻو ڪري ملهائي رهيا آهيون اسان اڳي به پاڪستان لاءِ هر محاذ تي وڙھڻ لاءَ  تيار هئاسين هيئنر به اسان جا حوصله هماليه جيان بلند آهن

ان ڪري ملڪ دشمن قوتن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته جنهن به پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي نهاريو ته اسين اها اک ڪڍي ڇڏينداسين ريلي ۾ عورت آرگئازيشن جو خير محمد چنه ، سليم عمراڻي سڪربڊ پريس ڪلب جو رضا محمد سيال ، هاءِ اسڪول جو استاد حيدر خانزاده سميت ڪئي شخصيتون شريڪ هيون ان موقعي تي پاڪستان زنده جا نعرا لڳايا ويا

آگسٽ 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو