سڪرنڊ: قومي عوامي تحريڪ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي جي کوٽ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياھ مٿان ڪئنال اڏڻ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ادارن ۾ بد عنوانين خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران ضلعي صدر مير محمد منگي جنرل سيڪريٽري رسول بخش لغاري، مولا بخش ڪيريو، فيروز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن پنهنجن الڳ الڳ تقريرن ۾ چيو ته سنڌ جي مالي وسيلن سميت زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي قبضا ڪيا پيا وڃن.
سنڌو درياھ مٿان نوان غير قانوني ڪئنال ٺاهي، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ جون زمينون سڪي رهيون آهن. فصلن جا اگھ گهٽ ڪري ماڻھن جي زراعت کي تباه ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ٻئي طرف سنڌ جي ادارن ۾ بد عنوانين سبب ڪرپشن عروج تي آهي. ڳري رشوت، سفارش ۽ پنهنجا نوازيءَ هيٺ نا اهل ماڻھن کي نوڪريون ڏئي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي.
اهڙين حالتن سبب نوجوان مايوس ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته قومي عوامي تحريڪ هميشه آواز بلند ڪيو آهي ۽ جيستائين سنڌ کي پنهنجا حق نه ملندا اسان سراپا احتجاج رهنداسين. احتجاج ۾ جنيد منگي، فياض لغاري، شعيب لغاري سميت ٻين ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.
آگسٽ 7, 2025