سکر: جمعيت علماءِ اسلام جي صدارت هيٺ سنڌ امن جرگو، قبائلي تڪرار ۽ اغوا انڊسٽري خلاف گڏيل جدوجهد جو عزم

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) جمعيت علماء اسلام سنڌ جي فيصلي مطابق سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، قبائلي تڪرار ۽ اغوا انڊسٽري جهڙن انتهائي اهم مسئلن تي سکر ۾ صوبي جي امير مولانا عبد القيوم هاليجوي جي صدارت هيٺ قبائلي عمائدين ۽ سردارن جو ٻيو “سنڌ امن جرگو” منعقد ڪيو ويو.امن جرگي ۾ خاص طور تي جمعيت علماء اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محمد صالح انڍڙ، مفتى سعود افضل هاليجوئي سميت ڪيترن ئي قبائلي سردارن ۽ عمائدين،
جهڙوڪ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خان جتوئي، سردار تيغو خان تيغاڻي، سردار پپو خان چاچڙ، سردار عبدالنبي خان ٿهيم، مير افتخار خان لنڊ، سردار آفتاب خان مهييسر، سردار خليل احمد خان گبول، سردار الهنو خان منڱريو، سردار نظير خان جامڙو، سردار حيدر علي خان جهڪراني، روِي ڪمار کٽري، مير شاهزين خان بجاراني، سردار علي حسن، سردار حسين بخش ناريجو، سردار بخش علي، سردار اقبال خان، سردار طاهر امتياز، سردار معظم علي خان عباسي، مظفر بروهي، سردار محمد ابراهيم جتوئي ۽ ٻين معززن، شهرين، عالمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سنڌ جي وڌندڙ بدامني، قبائلي تڪرار، اغوا انڊسٽري سميت ٻين عوامي مسئلن تي تفصيل سان غور ويچار ڪيو ويو. سڀني سردارن جي تجويزن ۽ راءِ بعد اعلاميو جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته اڳ سنڌ بابت تصور هو ته هيءُ مهمان نواز ۽ امن جو گهوارو آهي، پر اڄ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هتي جا پنهنجا ئي ماڻهو ڊنـگ ۽ پريشان آهن،
عام ماڻهن لاءِ آزادانه گهمڻ ڦرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. شرڪت ڪندڙن علامه راشد محمود سومرو کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو انسانيت جي جذبي ۽ قومي درد کي ڏسندي، پاڪ سرزمين تان سڀني سردارن کي امن جي قيام لاءِ سڏ ڏنو ۽ مسلسل فڪر مند رهيا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا گهڻا سردار اڃا به غير ذميوار آهن ۽ امن لاءِ سنجيدگي نٿا ڏيکارن.
علامه راشد محمود سومرو ۽ سندن ٽيم سنڌ ۾ امن جي حوالي سان لڳاتار ڪوششون ڪري رهي آهي، ۽ اسين هن جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺا آهيون.ان موقعي تي علامه راشد محمود سومرو سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جمعيت علماء اسلام امن جو علم کڻي نڪتي آهي، ۽ الله چاهي ته ان ۾ ڪاميابي ضرور ٿيندي.هن چيو ته نظام جي خرابي ۽ بدامني جي بنيادي وجه ڪرپشن، لُٽ مار ۽ رشوت آهي. بدامني سان گڏ ڪيترائي اهڙا سماجي برايون اسان جي معاشري جو حصو بڻجي چڪيون آهن،
جيڪي نوجوانن جي تباهي جو سبب بڻجي رهيون آهن. ان جي روڪٿام ته اصل حڪومت ۽ ادارن جو ڪم آهي، پر اهي نه صرف غير سنجيده آهن، پر انهن براين جي مددگار بڻيل آهن.آخر ۾ علامه راشد محمود سومرو چيو: “اوهان سڀني جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، جو اوهان اسان جي دعوت قبول ڪئي. اسان جي ڪوشش آهي، ۽ انشاءَ الله اها ڪوشش رنگ ضرور آڻيندي، ۽ تاريخ ۾ لکيو ويندو ته اسان ڪوشش ڪئي هئي. اڳ به اسان امن جرگو ڪوٺايو، اڄ به ڪوٺايو، ۽ اميد آهي ته الله تعاليٰ اسان جي محنتن کي قبول ڪري، ۽ سنڌ ۾ امن قائم فرمائي.
آگسٽ 7, 2025