سنڌ حڪومت بدران اسان کي وومن ايڪشن فورم مان وڌيڪ اميدون آهن
ڪجهه ڏينهن اڳ وومن ايڪشن فورم پاران عورتن جي قتل، ڪاروڪاري، جنسي تشدد ۽ هراسان ڪرڻ سميت ٻين واقعن بابت چئن سالن جي انگن اکرن تي ٻڌل رپورٽن پڌري ڪرڻ جي حوالي سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ويهڪ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ وومن ايڪشن فورم جي عورت اڳواڻن، انساني حقن جي ڪارڪنن، سماج سڌارڪن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. ان پروگرام ۾ سنڌ اندر عورتن جي وڌندڙ قتلام تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڄاڻايو ويو ته حڪومت جي غير سنجيدگي جي ڪري عورتون غير محفوظ بڻجي ويون آهن. پوليس عورتن جي قتل ۽ ٻين واقعن جا ڪيس ناقص جاچ ڪري قاتلن جي ساٿاري بڻجي لوڙهي ڇڏي ٿي. ان موقعي تي نامياري صحافي وسعت الله خان چيو ته سنڌ ۾ عورتن جون صرف 7 پوليس اسٽيشنون آهن جتي عورتن کي ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار آهي جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومتون ۽ رياست نه ٿي چاهي ته عورتن جو قتلام بند ٿئي. هن چيو ته عدالت ۾ پنهنجي حق لاءِ ڪيس وڙهندڙ عورتن جي مخالف وڪيلن طرفان بي عزتي ڪئي ويندي آهي. هن تجويز ڏني ته عورت ججن کي ئي عورتن جا ڪيس هلائڻ گهرجن ڇو ته عورت جج عورتن جا ڪيس سمجهي سگهي ٿي. ٻيو ته عورتن تي دٻاءُ وجهي ڪيسن تان هٿ کڻايو ويندو آهي. نتيجي ۾ ڪيس لڙهي ويندا آهن.
وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌوءَ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته عورتن جي خودڪشين ۽ ڪاري ڪري مارڻ وارن واقعن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌارو ٿيو آهي. عرفانه ملاح چيو ته پوليس متاثر عورتن جا ڪيس داخل ناهي ڪندي ايس ايڇ او ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ئي ناهي چاهيندو. حسين مسرت چيو ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان زيادتين جا واقعا وڌي رهيا آهن. پوليس متاثر عورتن کي ميڊيا ٽرائل لاءِ ميڊيا حوالي ڪري ڇڏيندي آهي. خالده منير چيو ته سال 2023 ۾ ٿر ۾ 70 سيڪڙو عورتن جي آپگهات جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته اڪثر عورتن کي پنهنجي حقن جي به ڪا ڄاڻ ناهي. سليمان جي ابڙو چيو ته سنڌ ۾ هندو برادري جون نياڻيون غير محفوظ آهن. سندن مذهب تبديل ڪرائي زوريءَ شاديون ڪرايون وڃن ٿيون. ننڍي عمر ۾ شاديون به وڏو مسئلو آهي.
اصل ۾ ان نوعيت جا هي پروگرام، سيمينار، ڪانفرنسون، ويهڪون، مذڪرا وغيره صرف عام ماڻهن جي جاڳرتا ۽ اپ ڊيٽ لاءِ ئي ناهن هوندا پر اهي حڪومتن جي اصلاح ۽ رهنمائي لاءِ به هوندا آهن. سو وومين ايڪشن فورم پاران عورتن جي حوالي سان ٿيل هن پروگرام کي به اسان سنڌ حڪومت لاءِ هڪ اصلاحي ۽ رهنمائي وارو پيغام سمجهون ٿا ۽ گڏو گڏ عورتن جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو اڇو چٺو به سمجهون ٿا. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها ان پروگرام ۾ عورتن جي حوالي سان پيش ٿيل تازي رپورٽ گهرائي ۽ ان روشنيءَ ۾ پنهنجي پاليسي جوڙي ته ان ۾ حڪومت جو ئي فائدو ٿيندو وومين ايڪشن فورم جو.
هي پروگرام عورتن جي پاليسي جي حساب سان حڪومت جو اڇو چٺو ان ڪري آهي جو اتي چيو ويو ته حڪومت جي غير سنجيدگي سبب عورتن جون ايف آءِ آر به نه ٿيون ڪٽيون وڃن، مٿن ڪيس تان هٿ کڻڻ جو دٻاءُ وڌو ويندو آهي. ان پروگرام ۾ حڪومت مٿان اها به چارج لڳائي وئي ته اها اصل ۾ پاڻ ئي نه ٿي چاهي ته عورتن جو قتل عام بند ٿئي تنهن ڪري ان جي حڪومتي، پوليس ۽ عدالتن جي ڪارڪردگي خراب آهي. هن پروگرام ۾ حڪومت کي عورتن جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ اهي قيمتي صلاحون به ڏنيون ويون جيڪي شايد کين پگهارن تي رکيل صلاحڪارن کان به نه ملنديون هونديون ڇاڪاڻ ته ضروري ناهي ته اهي دانشور هجن ۽ هر شعبي ۾ ماهر هجن يا هر معاملي تي سندن نظر به هجي ۽ انهن مسئلن جو انهن وٽ حل به هجي. اسان ته چئون ٿا ته جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته حڪومت وومن ايڪشن فورم کي ئي جيڪر پنهنجو پاليسي فورم بڻائي ۽ ان جي ڏنل تجويزن تي عمل ڪري پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر بڻائي. مثال طور هن پروگرام ۾ اها تجويز ڏني وئي ته عورتن جا ٿاڻا وڌايا وڃن ۽ عورتن جو ڪيس عورت ججن کي ٻڌڻ گهرجي. اهڙيون ڪيتريون ئي تجويزون آهن جيڪي ان پروگرام ۾ ڏنيون ويون جن مان فائدو وٺڻ گهرجي. هن موضوع تي اسان به ڪجهه ڏينهن اڳ ايڊيٽوريل لکيو هو جنهن ۾ تجويز ڏني هئي ته عورتن جي ڪيسن جي حڪومت پاڻ پيروي ڪري، سندن ايف آءِ آر داخل ڪرائي ۽ ڏوهارين کي سوگهو ڪري. هونئن به ڏسجي ته اسان وٽ پوليس ۽ عدالتي نظام 90 سيڪڙو ڏوهارين جو حامي هوندو آهي تنهن ڪري شريف ماڻهو ڏوهن ۽ زيادتين جو ڪيس داخل ڪرڻ کان لهرائيندا آهن ڇاڪاڻ ته ان سان فريادي سڌو سنئون ڏوهارين جي هٽ لسٽ تي اچي ويندا آهن، پوليس ۽ عدالت به کين ئي تنگ ڪندي آهي ۽ ٻئي پاسي قتل ڪندڙ ڏوهارين کي پيسن عيوض ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو آهي ته جيئن وڃي ٻيا به قتل ڪن ۽ پيسا ڏئي وري آزاد ٿي اچن. اهڙي نظام ۾ اندازو لڳايو ته عورتون ڪيئن منهن ڏئي سگهنديون.
اسان جي هن موجوده ناقص حڪومتي نظام سان وومن ايڪشن فورم ئي ڳالهائي سگهي ٿو، مٿس تنقيد ڪري سگهي ٿو ۽ جنهن جو مظاهرو ان فورم حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪري ڏيکاريو آهي. سو اسان جو خيال آهي ته وومن ايڪشن فورم سڄي سنڌ ۾ پنهنجون شاخون کولي عورتن جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ بڻجڻ جو پاڻ ڪم ڪري ته ان مان ته ڪا اميد ڪري سگهجي ٿي باقي موجوده حڪومتي نظام مان جنهن بهتري جي اميد نه ٿي لڳائي سگهجي.
آگسٽ 7, 2025