سبي ريلوي اسٽيشن ويجهو ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس وڏي حادثي کان بچي وئي

سبي (ويب ڊيسڪ) سبي ۾ ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽريڪ تي ڌماڪو ٿيو، پر خوشقسمتيءَ سان ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.
ريلوي اختيارين موجب، ڌماڪو پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي گذرڻ کانپوءِ ٿيو.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب ٽرين ۽ مسافرن کي ڪو نقصان ناهي پهتو، جڏهن ته ريلوي ٽريڪ کي نقصان رسيو آهي.
اختيارين موجب، جعفر ايڪسپريس کي سبي مان مقرر وقت تي پشاور روانو ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته جعفر ايڪسپريس کي ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا شرپسندن طرفان نشانو بڻايو ويو آهي.