دادو: پي سي بي ڪرڪيٽ گرائونڊ جي بال شهر جي مين روڊ تي وڃڻ کان بچائڻ لاءِ لوهِي ٿنڀا لڳائڻ ۽ ڄاري لڳائڻ جو ڪم تيزي سان جاري، ميونسپل چئرمين پير دانش علي

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو جي پي سي بي ڪرڪيٽ گرائونڊ مان پٿر جو بال شهر جي مين روڊ تي وڃڻ سبب ٿيندڙ نقصان کان بچاءَ لاءِ ميونسپل ڪاميٽي دادو چئرمين پاران لوهي ٿنڀا لڳائي ڄاري لڳائڻ جو ڪم تيزي سان جاري آھي، هي عمل چيئرمين ميوسنپل ڪميٽي پير دانش علي جي هدايتن تي ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪرڪيٽ گرائونڊ جي رانديگرن جي خواهش تي تيز رفتاري سان جاري آهي،
جائزو وٺڻ لاءِ فوڪل پرسن حاجي لياقت سومرو، چيف ميونسپل آفيسر مختيار احمد راهپوٽو، جاويد احمد راهپوٽو، علاول منگي ۽ رجب علي چنا پاران گرائونڊ جو دورو ڪيو ويو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جي صدر فاروق احمد وڳهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيون ايم پي اي پير مجيب الحق ۽ ميونسپل چيئرمين پير دانش علي جا،
جيڪي هميشه نوجوانن جي راندين جي سرگرمين ۽ گرائونڊن جي سار سنڀال ڪندا رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙا قدم نه صرف راندين کي محفوظ بڻائن ٿا پر نوجوانن جي حوصلا افزائي پڻ ڪن ٿا، گرائونڊ جي دوري دوران ٽيم پير مجيب الحق ۽ پير دانش علي، محمد اسلم چهواڻ ۽ ورڪر طاهر حسين لغاري پڻ موجود هئا، جن ڪم جي رفتار ۽ معيار کي ساراهيو آھي،
آگسٽ 7, 2025