نوابشاهه ۾ معرڪه حق شجرڪاري هفتي جي مناسبت سان وڻ پوکڻ جي تقريب منعقد
نواب شاہ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) معرڪہ حق ھفتو شجرڪاري مھم ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظيرآباد پروفيسر سليمان سيال معرڪہ حق شجرڪاري ھفتي جي دوران، ريجنل ڊائريڪٽوريٽ ڪاليج جي پارڪ ۾ ٻوٽو پوکيو. شجرڪاريءَ ۽ جشن آزاديءَ جي مختلف تقريبن مان ھيءَ مختصر تقريب گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج نوابشاھ جي پرنسيپل پروفيسر مزمل ظھور ۽ شجرڪاري مھم جي انچارج پروفيسر احسان رند جي پاران منعقد ڪئي وئي.
تقريب ۾ خاص مھمان ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظيرآباد، پروفيسر سليمان سيال ۽ مھمانن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز، پروفيسر قمرالدين ڪيريو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز فقير محمد ڏاھري شامل ھيا. مھمانن کانسواءِ ڪاليج جي استادن ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف توڙي ڊائريڪٽوريٽ جي ٻين ملازمن پڻ شرڪت ڪئي. وڻ پوکڻ کان پوءِ ملڪ جي سلامتيءَ، امن ۽ استحڪام لاءِ دعاءِ خير گهري وئي.
آگسٽ 6, 2025