نوابشاهه ۾ اقليتي برادري لاءِ نادرا موبائيل وين ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ رجسٽريشن مهم شروع
نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند ) ضلع اليڪشن ڪمشنر آفيس شهيد بينظير آباد پاران نادرا جي سهڪار سان اقليتي برادري لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي لاءِ نوابشاه ۾ نادرا موبائل وين رجسٽريشن جو بندوبست ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻون، نادرا جي زونل انچارج رفيق احمد بلر سان گڏجي نادرا موبائيل وين جو دورو ڪيو ۽ اقليتي برادري سان سڃاڻپ ڪارڊن بابت معلومات ورتي.
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي خاص هدايتن تي ضلع شهيد بينظير آباد ۾ پهرين آگسٽ کان 11 آگسٽ تائين نادرا جي سهڪار سان اقليتي برادري لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو شيڊول ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن تحت روزاني جي بنيادن تي مختلف علائقن ۾ 2 نادرا موبائل رجسٽريشن وين ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن.
آگسٽ 6, 2025