ملير ۾ فائرنگ جا ٽي ڌار ڌار واقعا، هڪ ڄڻو فوت، ٻه زخمي، پوليس پاران جاچ شروع
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا ٽي ڌا ڌار واقعا پيش آيا جن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا ان سلسلي معلوم ٿيو آهي ته پهريون واقعو شاه لطيف ٿاڻي جي حد عبدالله گوٺ ويجهو پيش آيو، جتي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي کان پوءِ فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو ڪليم الله ولد محمد حاجن ڪاڪيپوٽو گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس پهچي جهيڙي تي ڪنٽرول حاصل ڪيو ۽ لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.ٻيو واقعو پپري شاه نواز گوٺ ۾ TCF اسڪول جي ويجهو پيش آيو، جتي فائرنگ سبب 26 ورهين جو پوليس اهلڪار زبير ولد علي اصغر زخمي ٿي پيو. کيس به فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٽيون واقعو شاه لطيف ٽائون سيڪٽر 30-B جي ويجهو هڪ گهر ۾ پيش آيو، جتي نامعلوم طرفان آيل گولي لڳڻ سبب 45 ورهين جو صلاح الدين ولد مقيم شاهه زخمي ٿي پيو. زخمي کي پڻ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس سمورن واقعن جون رپورٽون داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي
آگسٽ 6, 2025