ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيوريج سسٽم ناڪاره، رهواسين جي زندگي اجيرن بڻجي وئي

Spread the love

ملير( ڊر) گڊاپ ٽائون جي يوسي مراد ميمڻ ۾ سيوريج سسٽم هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪاره بڻجي ويو شهر جي مک روڊ تي گٽرن جو گندو پاڻي ڪاهي پيو  يونين ڪائونسل مراد ميمڻ جي مرڪزي علائقي ميمڻ ڳوٺ جا مختلف علائقا،  رحماني محلو، مهيشوري محلو، ڄاموٽ محلو، شيخ محلو، نعمت ڳوٺ، بروهي محلو، مصطفيٰ سوسائٽي پنهور پاڙو بلوچ گٽرن جي گندگيء ۾ ٻڏي ويا علائقي واسين جو چوڻ آهي ته يوسي مراد ميمڻ جي انتظاميه وٽ مسئلا حل ڪرڻ جا وسيلا ۽ صلاحيت ناهي.

  ميمڻ ڳوٺ جي مک روڊ تي هلندڙ سيوريج جي ڪم ۾ ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي. علائقي جا رهواسي سخت پريشاني ۾ آهن. علائقي جي رهواسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊپٽي ميئر ڪراچي ۽ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي وزير سليم بلوچ جي دوري جي باوجود ميمڻ ڳوٺ جو سيوريج مسئلو برقرار آهي . لکين رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود صورتحال بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي  

پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي  انجنيئرن ۽ آفيسرن جي خراب ڪارڪردگي سبب علائقي جا رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ميمڻ ڳوٺ جي رهواسين حلقي جي چونڊيل نمائندن، ايم اي، سردار ڄام عبدالڪريم بجار جوکيو ايم پي اي، ساجد جوکيو پبلڪ هيلٿ وزير سليم بلوچ، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، وائيس چيئرمين سليم ميمڻ، انجنيئر اختر ميمڻ ۽ سڀني لاڳاپيل اختيارين کان درخواست ڪئي آهي ته غير ذميداري جو مظاهرو ڪندڙ لاڳاپيل انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي

 علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ سيوريج جي گندگيء سبب  گندو پاڻي گهٽين ۾ جمع ٿيڻ سان گڏ نه رڳو بدبو پکڙجي ٿي پر مختلف بيمارين جو خطرو پڻ وڏي ويو آهي .  علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان لاڳاپيل اختيارين کان درخواست ڪريون ٿا ته سيوريج سسٽم جي مرمت ۽ بهتري لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي صاف ۽ صحتمند ماحول ملي سگهي.

آگسٽ 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو