ليونل ميسي ڀارتي مداحن جا خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي عظيم فٽبالر ليونل ميسي جو ارجنٽائن ٽيم سان گڏ ڀارت جو دورو رد ٿي ويو.
ڪيرالا جي راندين واري وزير عبدالرحمان اعلان ڪيو ته ليونل ميسي ۽ ارجنٽائن جي فٽبال ٽيم جو هلندڙ سال ڪيرالا جو دورو رد ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته حڪومتي اعلان موجب ميسي جي قيادت ۾ ارجنٽائن ٽيم جو ڪيرالا دورو طئي ٿيو هو ۽ اسپانسرن طرفان ميچ فيس به ادا ڪئي وئي هئي پر هاڻ پرڏيهي ٽيم اطلاع ڏنو آهي ته اها آڪٽوبر ۾ ڀارت نه اچي سگهندي.
عبدالرحمان چيو ته اسپانسرن طرفان واضح پيغام ڏنو ويو ته انهن جي دلچسپي رڳو آڪٽوبر جي دوري ۾ آهي، جنهن کانپوءِ اهو معاملو ختم ٿي ويو.
ان خبر لکين ڀارتي شوقينن جون دليون ٽوڙي ڇڏيون آهن، جيڪي ورهين کان ميسي کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏسڻ جا خواهشمند هئا.