سڪرنڊ ۾ شهيد ميجر عزيز ڀٽي جي ياد ۾ ٻن ڏينهن وارو شوٽنگ بال ٽورنامينٽ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو
سڪرنڊ ( رپورٽ :راج ڪماراوڏ ) معرڪه حق جشن آزادي شهيد ميجر عزيز ڀٽي جي ياد ۾ ٻه روزه شهيد بينظر ڀٽو ڊويزنل شوٽنگ بال ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتو ان سلسلي ۾ فائنل رائونڊ دوران شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ راجا رميز بلوچ مهمان خاص ۽ سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي اعزازي مهمان طور شريڪ ٿيا جن کي شهيد بينظير ڀٽو ڪلب جي سرپرست اعليٰ محمد يوسف چنه کين سنڌ جي روايت موجب اجرڪون اوڍايون ٽورنامينٽ جو فائنل اي ٽي آئي گرائونڊ سڪرنڊ ۾ منعقد ڪرايو ويو جيڪو ڊسٽرڪٽ يوٿ اسپورٽس آفيس جي سهڪار سان ضلعي آفيسر عبدالرحيم راجپوت جي نگراني هيٺ ٿيو
جنهن کي ڄام راشد علي آرگنائيز ڪيو ٽورنامينٽ ۾ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽنهين ضلعن مان 8 ٽيمن حصو ورتو جنهن ۾ سخت مقابلي بعد فرينڊس ڪلب نوابشاھ ۽ شهيد بينظير ڀٽو ڪلب سڪرنڊ فائنل ۾ پهتا جن وچ ۾ 3 رائونڊ ٿيڻ بعد فرينڊس ڪلب نوابشاھ هڪ پوائنٽ تي فائنل کٽي ورتو تقريب ۾ ونر ٽيم فرينڊس ڪلب کي ٽرافي ، سرٽيفڪيٽ ۽ 15 هزار روڪ انعام ڏنو ويو
جڏھن ته رنر ٽيم شهيد بينظير ڀٽو ڪلب کي ٽرافي ، سرٽيفڪيٽ ۽ 10 هزار روڪ انعام ڏنو ويو ان موقعي تي مهمانن خاص اسسٽنٽ ڪمشنر رميز راجا ڳالهائيندي چيو ته رانديون صحت مند سرگرميون آهن جن جو انساني زندگي ۾ اهم ڪردار آهي ان موقعي تي ڪئي شخصيتون پڻ شريڪ هيون جن ۾ ٻشير لاشاري ، ڊاڪٽر اشرف ميمڻ ، غلام نبي ملاح ، سرفراز لاشاري ، عبدالطيف قريشي ۽ جاويد سڪندري شامل هئا
آگسٽ 6, 2025