سڀني کي مات، دپيڪا جي انسٽاگرام ريل ويوز جو عالمي رڪارڊ جوڙي ڇڏيو

Spread the love

بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊڪون سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن جي فالوئرز جو انگ 80 ملين کان وڌي ويو آهي.
اداڪارا طرفان تازو هڪ هوٽل چين سان ڀائيواري ۾ پوسٽ ڪيل انسٽاگرام ريل انٽرنيٽ تي ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو آهي.
دپيڪا تازو سوشل ميڊيا تي هڪ ريل شيئر ڪئي، جيڪا هڪ مشهور هوٽل چين سان ”پيڊ پارٽنرشپ“ جو حصو هئي.
ان ريل سوشل ميڊيا تي غير معمولي مقبوليت ماڻي ۽ رڳو 8 هفتن ۾ ان کي 1.9 ارب ڀيرا ڏٺو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اها هڪ سادڙي پروموشنل وڊيو هئي، جنهن کي هيل تائين جي سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ انسٽاگرام ريل قرار ڏنو پيو وڃي.
دپيڪا جا مداح ان ريل جي مقبوليت تي تبصرا ڪري رهيا آهن. هڪ واهپيدار حيرت جو اظهار ڪندي لکيو ته 1.9 ارب؟ مان زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڊيو کي اربن ۾ ويندي ڏٺو آهي.

آگسٽ 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو