دادو ۾ ٽول پلازه ۽ امن امان جي خراب صورتحال خلاف رابطه جدوجهد ڪاميٽي جو احتجاجي تحريڪ جو اعلان

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو  ٽول پلازه خلاف جدوجهد، امن امان جي خراب صورتحال تي رابطہ ايڪشن جدوجهد ڪاميٽي ضلع دادو پاران پريس ڪانفرنس،  7 کان 10 آگسٽ تائين ضلعي ڀر ۾ ڌرڻن ۽ مظاهرن جو اعلان  دادو ۾ رابطه جدوجهد ڪاميٽي پاران نئين قائم ڪيل ٽول پلازه کي رد ڪندي ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال خلاف دادو پريس ڪلب ۾ اهم پريس ڪانفرنس جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ پاڪستان، عوامي جمهوري پارٽي،

سنڌ ترقي پسند پارٽي، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ عوامي فورم دادو اڳواڻن مولانا منظور احمد سومرو، مولانا حبيب الرحمن ملڪاڻي، سڪندر علي، حافظ اظهار الحق صديقي، منظور شاهه، حافظ محمد موسيٰ ٻٻر، مولانا محمد ياسين اشرفي، مولانا علي اصغر، جي ايم وريام سنڌي، مولانا غلام محمد ٻٻر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي اعلان ڪيو ته 7 آگسٽ تي جوهي، 8 آگسٽ تي دادو، 9 آگسٽ تي خيرپور ناتھن شاهه، ۽ 10 آگسٽ تي ميهڙ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن چيو ته شھيد مخدوم بلاول ۾ نئين قائم ڪيل ٽول پلازه مڪمل طور تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي پاليسين جي خلاف آهي، جتي واضع آهي ته 100 ڪلوميٽرن جي حد ۾ صرف هڪ ٽول پلازه قائم ڪري سگهجي ٿو،

سيوھڻ، ميھڙ ۾ اڳ ئي ٽول پلازہ قائم ٿيل آھن،  جڏهن ته تازو قائم ٿيل ٽول غير قانوني آهي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته رات جي اونداهي ۾ ڪجهه غير سرڪاري ماڻهن پاران ٽول پلازه جو افتتاح ڪري عوام سان وڏو ڌوڪو ڪيو آهي، اسان ان عمل جي نه صرف سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا پر ڀرپور مزاحمت جو به اعلان ڪريون ٿا اڳواڻن چيو ته اسان سڀ سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمون، ڊرائيور حضرات، ٽرانسپورٽر، گڏجي احتجاجي تحريڪ هلائينداسين. ٻٻرلوءِ جي تاريخي ڌرڻي جيان هن ڀيري به اسان تيار آهيون

انتظاميه سان رابطا به ٿيا، ڊي سي ۽ ايس ايس پي دادو سان ميٽنگ جي ڪوشش ڪئي، پر ملاقات نه ٿي سگهي، رڳو اي ڊي سي سان ملاقات ٿي ۽ يادداشت نامو پڻ ڏنو ويو، پر اڃا تائين مطالبا منظور نه ٿيا آهن اڳواڻن امن امان جي صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضلعي اندر ڏوهن ۽ سماجي براين ۾  واڌ ٿي رهي آهي، پوليس ويزه تي ويل آهي، عوام روزانو ڦرن جو شڪار بڻجي رهي آهي. انتظاميه سنجيده نه آهي، تنهن ڪري اسان کي تحريڪ جي شروعات ڪرڻي پئي، رابطه جدوجهد ڪاميٽي دادو پاران اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ مڪمل ضلعي ۾ سخت تحريڪ هلائي ويندي،

آگسٽ 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو