حڪومت ايتري ڊنل آهي ته ڦڏا نه ڪري: نبيل گبول

اسلام آباد(ريب ديڪس)قومي اسيمبلي جي ٻاهران گيٽ بند هئا، خاص صورتحال هئي. ڪيترائي پي ٽي آءِ ميمبر جيڪي اڳ مهمان هوندا هئا، هاڻ نظر نه آيا، جيئن زرتاج گل، حامد رضا وغيره.ڪجهه ميمبر ته ان ڊپ ۾ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيا ته ڪٿي گرفتار نه ٿي وڃن.جڏهن ته نبيل گبول جڏهن قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي ميٽنگ ۾ آيو ته اچڻ سان چيو ته ايترا ڊڄڻا ۽ بزدل آهيو ته ڦڏو نه ڪندا ڪريو،
خرم نواز ۽ ٻين پڇيو ته ڇا ٿيو؟ هن چيو ته قومي اسيمبلي جا در بند ڪيا ويا آهن، ايتري حڪومت ڊنل آهي عمران خان کان ته نه وڙهو. ان دوران ڪنهن چيو ته ڇا ڪريون دهشتگرد گهڙي ايندا آهن. طلال چوڌري ۽ ٻين چيو ته دهشتگردي جو خطرو هوندو آهي گيٽ بند ڪيا ويا هئا. نبيل گبول چيو ته پارليامينٽ جا در ئي بند ڪري ڇڏيا ته ڳالهه ئي ختم ٿي وئي. ان کان اڳ ڪميٽي مان 3 ميمبر ڊي سيٽ ٿي چڪا آهن.
آگسٽ 6, 2025