ڄامشورو ۾ يومِ استحصال ڪشمير تي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ ريلي
ڄامشورو(رپورٽ: محمد وارث)پوري ملڪ جيان ڄامشورو ۾ به يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڊي سي آفيس جامشورو کان ڪشميري ڀائرن سان اظھار يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي
ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي اڳوڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري عوام سان اظھار يڪجھتي طور هڪ پر جوش ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي نديم قادر کوڪر، مختيار ڪار ڪوٽڙي ماجد علي خاصخيلي، ڊاڪٽر ڪليم شيخ پير منظور، ڊپٽي َ لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال،
ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر امير علي ڪولاچي سميت تعليم، صحت، ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي، ٻولھاڙي، سول سوسائٽي، استادن، شاگردن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنیل هئا جن تي ڪشمير ٺھندو پاڪستان، ڀارتي ظلم نامنظور ۽ ڪشميرين کي آزادي ڏيو جهڙا نعرا لکيل هئا ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جامشورو غضنفر علي قادري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته يومِ استحصال ڪشمير اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 تي ڪشميرين سان ظلم جي انتها ڪئي،
جتان سندن سڃاڻپ، آزادي ۽ بنيادي حق کسيا ويا، پاڪستان ڪشميري ڀائرن سان هر وقت گڏ رهيو آهي ۽ گڏ رهندو. اسان ڀارتي ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهندو ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي
آگسٽ 5, 2025