هر سيريز ۾ تياري ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي: سلمان آغا

Spread the love

لائوڊر هل (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته اسان جو مقصد اهو ئي آهي ته ورلڊ ڪپ ڪيئن کٽيون، دبئي جي ڪنڊيشن گهڻي مختلف آهي، هن ڪنڊيشن کانپوءِ جڏهن دبئي وينداسين ته فائدو ٿيندو.
ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کٽڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سلمان علي آغا چيو ته اسان جيڪي ميچون کيڏون پيا يا اڳتي کيڏنداسين، اهي سڀ ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي کيڏي رهيا آهيون.
هن چيو ته مان اڄ بالنگ ڪرائڻ جو سوچي رهيو هيس پر ٻه کاٻي هٿ جا بيٽر ڪريز تي هئا ۽ هڪ پاسي کان صائم بالنگ ڪري رهيو هو، ڏسڻو پوندو آهي ته ٻنهي بالرن طرفان پريشر ڪيئن ٺاهي سگهون ٿا.
سندس چوڻ هو ته سيريز ۾ صائم سٺي بالنگ ڪئي، ٻئي پاسي پريشر وڌائڻ لاءِ سفيان کان به بالنگ ڪرائڻي هئي، توهان مون کي اڳتي بالنگ ڪرائيندي ڏسندئو.

آگسٽ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو