نواب شاهه سميت ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ يومِ استحصال ڪشمير ملهايو ويو، ڀارتي ظلمن جي سخت مذمت

Spread the love

نواب شاھه (رپورٽ: عبدالفتاح رند) پوري ملڪ جيان ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي طور يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو ان سلسلي ۾ ضلع انتظاميه شهيد بينظيرآباد پاران ڊي سي آفيس ۾ قومي جھنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاهه اقبال احمد تنيو پاران قومي جھنڊو ڦڙڪايو ويو جڏھن تہ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ھڪ منٽ لاءِ خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال احمد تنيو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان نوابشاهه پريس ڪلب  تائين ريلي ڪڍي وئي

 جنهن ۾ روينيو،انفارميشن،صحت، تعليم کان علاوه ٻين کاتن جي عملدارن ،سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ اسڪولي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاران ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم خلاف نعري بازي ڪئي وئي ريلي جي پڄاڻي تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر نواب شاهه اقبال احمد تنيو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد سليم ڀٽي ۽ ٻين چيو ته 5 آگسٽ 2019  تي ڀارت پاران اقوام متحدہ جي قرار دادن ۽ عالمي برادري سان ڪيل واعدن جي خلاف ورزي ڪندي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ آرٽيڪل 370 کي رد ڪندي متنازع علائقي ڄمون ڪشمير کي آئيني طور تي باضابطه پنهنجو حصو قرار ڏنو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪري مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي هاڻ وقت اچي ويو آهي

 ته عالمي ادارا ڪشميري ڀائرن کي ڀارتي فوج جي ظلم کان آزادي ڏيارين هنن وڌيڪ چيو ته اڄ يوم استحصال ملهائڻ جو مقصد ڀارت پاران ڪشميرين تي ڪيل ظلم جي مذمت ۽ ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي  جو اظهار ڪرڻ آهي ته جئين دنيا کي انڊيا جو ناپاڪ چھرو ڏيکاري سگھجي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام پاران پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ سندن آواز کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هن ڏينهن کي ڪارو ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي ٻئي طرف ضلع جي ٻين تعلقن سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ دوڙ ۾پڻ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي اڳواڻي ۾ يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي ريليون ڪڍيون ويون

آگسٽ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو