مٺي ۾ يومِ استحصال ڪشمير تي ريلي، ڀارتي ظلم خلاف سخت مذمت ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار
مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر پاران يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجھتي طور تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر لياقت علي لنڊ جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول مٺي کان ڪشمير چوڪ مٺي تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جو ڏينهن ٿرپارڪر سميت پوري پاڪستان ۾ يوم استحصال ڪشميري عوام سان يڪجهتي طور تي ملهايو پيو وڃي، ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي،
ڀارت ڪشمير جي عوام تي ظلم بند ڪري جيئن ڪشميري عوام آزادي سان زندگي گذاري سگهي، اسان ڪشمير جي بهادر عوام کي سلام پيش ٿا ڪريون جيڪي دليري سان ڀارت جو مقابلو ڪري پنهنجي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، اڄ به ڪشمير جي گلين ۾ آزادي جا نعرا گونجي رهيا آهن، اڄ به انهن جي دلين ۾ پاڪستان جي عوام لاءِ محبت آهي ۽ پاڪستان جي عوام ڪشمير جي عوام سان هر وقت گڏ آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ گڏ رهندي،
اسان اقوام متحده کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڀارت پاران ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم بند ڪرايو وڃي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي عمير اشرف چودري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نصرالله ساهڙ، هيڊ ماستر هاڻي اسڪول مٺي ، سي ايم او ميونسپل ڪاميٽي مٺي سعيد احمد سميت صحت، پاپوليشن، پوليس، سوشل ويلفيئر کاتي جي ملازمن ۽ استادن، شاگردن، شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جا زوردار نعرا هنيا ويا
آگسٽ 5, 2025