ميرٽ جي لتاڙ خلاف سگهاري تحريڪ هلائڻ جي ضرورت
ميرٽ جي موت جو ماتم، جيڪو پهريون ڪن خاص حلقن تائين محدود هو، هاڻي عوامي بازارن ۾ کلي عام وڪرو ٿيندڙ نوڪرين جي “نيلامي” جي صورت ۾ نروار ٿي رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان پوليس کاتي جي اي ايس آئيز جي ڀرتين جو جيڪو ڪيس سامهون آيو آهي تنهن سنڌ جي مستقبل تي نه رڳو سوال اُٿاريا آهن، پر ان سماجي نظرياتي ڍانچي کي به لوڏيو آهي، جنهن جي پاڙن ۾ ڪڏهن مزاحمت، ايمانداري، ۽ قرباني جا عنصر موجود هئا.
اڄ جو سنڌي نوجوان، جيڪو پنهنجي تعليمي قابليت، ذهني سگهه ۽ اميدن سان سنڌ جي مستقبل جي واڳ وٺڻ جو خواب ڏسي ٿو، سو هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن ناانصافيءَ جي باهه ۾ ساڙيو پيو وڃي. ميرٽ جي اميدن جا اهي ڏيئا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ڌنڌ ۾ به ٽمٽار بڻجي رستو ڏيکاريندا هئا، سي هاڻي اقتدار جي نيلاميءَ جي ڌنڌ ۾ وسامي ويا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، جيڪا ڪنهن زماني ۾ قابليت، شفافيت ۽ مسابقت جو علامتي ادارو سمجهي ويندي هئي، اڄ ان جو نالو ٻڌندي ئي عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ رشوت، سفارش، اقربا پروري ۽ نااهليءَ جا اونداها پاڇا گهمي وڃن ٿا
سنڌ ۾ نوڪريون هاڻي ڪنهن محنت، قابليت يا ڊگري تي نٿيون ملن، پر پئسي، اثر ۽ “سفارش” جي بُنياد تي ورهائجن ٿيون. 1544 پوليس اي ايس آئيز جي ڀرتين جو جيڪو ڪيس سامهون آيو آهي، سو صرف هڪ حادثو نه، پر هڪ طريقيڪار، هڪ سسٽم، هڪ سازش جو حصو آهي. اهو سازشون ڪندڙ ڪير آهن؟ اهي ئي جيڪي پندرهن سالن کان اقتدار جا سُهڻا لباس پائي سنڌ تي حڪومت ڪري رهيا آهن، ۽ هاڻ سنڌ جي ايندڙ ٽيهه سالن تي به پنهنجا نااهل نمائندا مڙهي رهيا آهن. اهي نمائندا صرف اڄ جي نه، پر ايندڙ نسلن جي به قسمت جو فيصلو ڪري رهيا آهن. ايئن سمجهڻ گهرجي ته اهي سرڪاري نوڪرين جا گهاوَ، فقط هڪ نسل نه پر ٽن ٽن نسلن کي برباد ڪري ڇڏيندا. جيئن جنرل ضياءُ الحق جو ڪلاشنڪوف ۽ منشيات وارو ڪلچر اڄ به پاڪستان جي هڏ ڏوکيءَ بڻيل آهي، تيئن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نااهل، رشوتي ۽ سفارشي ڀرتين جو زهر ايندڙ ٽيهه سالن تائين سنڌ جي رڳ رڳ ۾ وهندو رهندو.
ان عمل مان جيڪو نتيجو نڪري ٿو، سو صرف ادارن جي ناڪامي نه، پر سماج جي اجتماعي موت جي علامت آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حالتن تي جڏهن سنڌ جا ٻه چار سياسي ايڪٽويسٽ، ليکڪ ۽ مذاق ڪندڙ فنڪار ئي آواز اٿاري سگهن، ته پوءِ باقي ته سڀ انڌا آ، ڪنڊا آ يا پوءِ خريديل آ. سياسي پارٽيون، سماجي تنظيمون، شاگرد يونينز، ادبي فورمز، ترقي پسند مصنف، وڪيلن جا فورمز، انساني حقن جون اين جي اوز، سڀ ڄڻ ته ڪنهن غيبي طاقت جي حڪم سان مئل جسم وانگر ٺري ويا آهن. اها ئي اها سنڌ آهي، جتي ڪڏهن هاري جي سڏ تي پهاڙ به لوڏي ڇڏيندا هئا، جتي شاعر جي بيت تي حڪومتون لڏي وينديون هيون، جتي شاگردن جي تحريڪن حڪومتن کي گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا. پر اڄ، اهي ئي اديب، شاعر، سياسي اڳواڻ، دانشور، فنڪار، وڪيل، صحافي، اين جي اوز، تنظيمون ۽ تحريڪون بي حس بڻجي چڪيون آهن. ڄڻ ته اهي سڀ ڪڏهن جيئرا ئي نه هئا، ڄڻ ته ميرٽ جو خون، سندن اندر جي ڪکن تائين نه پهتو هجي.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن نظام جي هر پرت تي نااهلي، بي حسي، ڪرپشن ۽ خاموشي جو پردو ڇانيل هجي، تڏهن اميد جو ڏيئو صرف انهن نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي اڃا به سچ، انصاف ۽ پنهنجي صلاحيتن تي يقين رکن ٿا. اهي نوجوان، جيڪي اڃا به پنهنجي هٿن ۾ ڪتاب، قلم، سوال ۽ خواب کڻي سچائيءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، سي ئي سنڌ جي فڪري ۽ سياسي تجديد جو محور بڻجي سگهن ٿا. پر انهن کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، انهن جي آواز ۾ آواز ملائڻ جي ضرورت آهي. اهو فرض هر باشعور ليکڪ، فنڪار، دانشور، صحافي، سياسي ڪارڪن، شاگرد اڳواڻ ۽ شهرين تي لاڳو ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف نه فقط آواز اٿارين، پر ان کي منظم، بااخلاق ۽ شعوري تحريڪ ۾ بدلائين. اهو رڳو نوڪرين جو مسئلو ناهي، هي پوري سماج جي نفسيات، سماجي ڍانچي، ادارن جي تشخص، ۽ سنڌ جي مستقبل جو مسئلو آهي.
اچو ته اڄ ئي اهو عزم ڪيون ته سنڌ ۾ ميرٽ جي قتل خلاف خاموشيءَ جي سازش جو حصو نه بڻجنداسين. اچو ته جن اکيون ڏٺيون آهن، سي بند نه ڪيون وڃن، جن دلين ۾ سچ جو ساهه باقي آهي، سي ڌڙڪندا رهن. سنڌ جي نوجوانن لاءِ، سندن حوصلي لاءِ، سندن مستقبل لاءِ اسان کي هن مزاحمت جي نئين دور جي شروعات ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن مزاحمت وسامي پئي آهي ته وري ساڳي ڌرتيءَ جي مٽي مان اُها چڻنگ پيدا ڪيون، جيڪا ڌاڙيلن، لٽيرن ۽ ميرٽ جي قاتلن لاءِ روشنيءَ جو قهر بڻجي.
سنڌ جي نجات ان وقت ممڪن ٿيندي جڏهن پبلڪ سروس ڪميشن جي در تي پئسي بدران قابليت، سفارش بدران ايمانداري، ۽ نااهلي بدران ميرٽ کي جاءُ ڏني ويندي. ان وقت تائين، هر باشعور سنڌي جو فرض آهي ته هو سچ جي پاسي بيهي، بي حسيءَ جي خلاف علم بلند ڪري، ۽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ اهڙو نظام ٺاهي جيڪو کين پنهنجي صلاحيتن سان اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري. سنڌ ۾ سج نڪرڻ لاءِ، ان رات جي اوندهه کي ختم ڪرڻ لاءِ، ان روشنيءَ لاءِ، جيڪا سنڌ جي سچائي ۽ ساڃاهه جي ورثي جي ضمانت هجي، اسان سڀني کي گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي.
آگسٽ 5, 2025