قطارن ۾ بيهڻ جو سلسلو ختم، رقم سڌي بينڪ اڪائونٽ ۾، بي آءِ ايس پي حقدارن لاءِ خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) پيمنٽ سسٽم 13 آگسٽ کان شروع ٿيندو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 13 آگسٽ تي پنهنجي نئين سڌي ريت بينڪ اڪائونٽن ۾ ادائيگي جي نظام ”سهولت اڪائونٽس“ جو پائلٽ مرحلو شروع ڪندو.
ان قدم تحت ملڪ جي 7 وڏن ضلعن ۾ حقدار سڌي ريت ادائيگي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پسند جا بينڪ اڪائونٽ کولي سگهندا.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد چيو ته بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن لاءِ ذاتي بينڪ اڪائونٽ کوليا ويندا، جنهن جو مقصد مالي امداد جي فراهمي کي شفاف ۽ باوقار بڻائڻ آهي.
هن چيو ته ان قدم جو پائلٽ مرحلو ملڪ جي وڏن شهرن ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، گلگت، مظفر آباد ۽ پشاور ۾ شروع ڪيو ويندو، ان مرحلي تحت مالي امداد سڌي ريت حقدار عورتن جي ذاتي بينڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي ته جيئن اهي آساني سان خود مختيار انداز ۾ ۽ بنا ڪنهن انساني مداخلت جي پنهنجي فنڊ تائين پهچ حاصل ڪري سگهن.
سندس چوڻ هو ته عورتن کي ادائيگين جي فراهمي لاءِ ڊجيٽل والٽ اڪائونٽس تي به ڪم جاري آهي.