شاهه رخ خان، نواز الدين کي پاڻ کان به وڏو اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ ”ڪنگ“ جي نالي سان مشهور اداڪار شاهه رخ خان، جنهن کي تازو اداڪاري جي سڀ کان وڏي قومي اعزاز ”نيشنل فلم ايوارڊ“ سان نوازيو ويو آهي، نوازالدين صديقي کي پاڻ کان وڏو اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو.
نوازالدين صديقي جي تعريف ڪندي شاهه رخ خان چيو ته مان ان جهڙو وڏو اداڪار ناهيان، شايد هن کي پاڻ کي خبر ناهي ته ڪيڏو خاص آهي، هو هڪ اعليٰ معيار جو فنڪار آهي، مان عمر ۾ ته ان کان وڏو آهيان پر اداڪاري جي لحاظ سان صفا نه، هو اسان سڀني کان مختلف انداز ۾ ڪم ڪندو آهي.
هن چيو ته نوازالدين اهڙو ڪم ڪيو آهي، جيڪو پاڻ ڳالهائيندو آهي، هو ڪردار ۾ اهڙي حقيقت پسندي آڻيندو آهي جو ڏسندڙن جي دل ڇُهندو آهي، هن ڀارتي سينما جي منظرنامي کي نئين سڃاڻپ ڏني آهي، غير روايتي چونڊ ۽ طاقتور اداڪاري لاءِ مشهور، نوازالدين هر ڪردار ۾ سچائي ۽ گهرائي کڻي ايندو آهي.