سڪرنڊ ۾ يومِ استحصال ڪشمير ملهائي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) پوري ملڪ جيان سڪرنڊ ۾ پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي طور يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو ان سلسلي ۾ تعلقه انتظاميه پاران اي سي آفيس سڪرنڊ ۾ قومي جھنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا بلوچ پاران قومي جھنڊو ڦڙڪايو ويو جڏھن تہ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ھڪ منٽ لاءِ خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي بعد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر رميز راجا بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي مختلف مڪتب فڪر جي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ همدرد سپورٽ پروگرام جو چيئرمين قاضي جاويد سنائي ،
سينيئر صحافي رضا محمد سيال ، عابد ڀٽي علي شير انڙ ، مشتاق احمد ڪٻر ، غلام نبي ملاح ، رفيق جلباڻي ۽ ٻيا شامل هئا تقريب کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر رميز راجا چيو ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت پاران اقوام متحدہ جي قرار دادن ۽ عالمي برادري سان ڪيل واعدن جي خلاف ورزي ڪندي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ آرٽيڪل 370 کي رد ڪندي متنازع علائقي ڄمون ڪشمير کي آئيني طور تي باضابطه پنهنجو حصو قرار ڏنو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪري مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي
هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عالمي ادارا ڪشميري ڀائرن کي ڀارتي فوج جي ظلم کان آزادي ڏيارين هنن وڌيڪ چيو ته اڄ يوم استحصال ملهائڻ جو مقصد ڀارت پاران ڪشميرين تي ڪيل ظلم جي مذمت ۽ ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ آهي ته جئين دنيا کي انڊيا جو ناپاڪ چھرو ڏيکاري سگھجي
آگسٽ 5, 2025