سکر ۾ جشنِ آزادي ۽ معرڪهٔ حق لاءِ 10 آگسٽ جي گرينڊ ميوزيڪل پروگرام جون تياريون زور شور سان جاري

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شھزاد خان جشن آزادي ۽ معرڪۂ حق جي مناسبت سان 10 آگسٽ تي ميونسپل اسٽيڊيم سکر جي ھنڌ رٿيل گرينڊ ميوزيڪل پروگرام جي تيارين بابت پنھنجي آفيس ۾ ھڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو بشریٰ منصور، اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي ثوبيہ فلڪ رائو، ڊپٽي ميئر سکر ارشد مغل،

ٽريفڪ پوليس سميت سنڌ پوليس جي نمائندن، ميونسپل ڪمشنر، هيلٿ ڊپارٽمينٽ سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شھزاد خان هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي هدايتون ڏيندي چيو تہ ايونٽ دوران ميونسپل اسٽيڊيم واري ھند ايمرجنسي لاءِ ڊاڪٽرس جون ڊيوٽيون لڳائڻ سان گڏوگڏ 1122 ايمبولينسز سان گڏ 3 عدد وڌيڪ ٻين ايمبولينسز جي موجودگي ۽ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪري اتي وافر مقدار ۾ دوائن جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻائي وڃي،

جڏھن تہ اسپتالن ۾ 100 بيڊ خالي رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي. ھن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي تہ 100 مرد ۽ 100 عورت ٽيچرز سميت 200 استادن کي پروگرام واري ھنڌ مقرر ڪري اھڙن ٽيچرس بابت لسٽون فراهم ڪيون وڃن. ڊپٽي ڪمشنر پوليس کاتي کي سيڪيورٽي بابت فل پروف انتظامن جون هدايتون ڪندي چيو تہ واڪ ٿرو گيٽس تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون نصب ڪيون وڃن تہ جيئن نگراني جو عمل بھتر طور تي ڪري سگهجي. ھن ٽريفڪ پوليس کي ٽريفڪ پلان پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي،

ھن چيو تہ سمورين گاڏين کي مقرر ڪيل پارڪنگ هنڌن تي پارڪ ڪرڻ جي اجازت ھوندي جڏھن تہ انھيءَ دوران روڊن تي ڪنھن بہ گاڏي کي بي ترتيبي سان بيھڻ جي اجازت ھرگز نہ ڏني وڃي. ڊپٽي ڪمشنر سيپڪو کي ايونٽ دوران لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪرڻ، ٽرانسفارمرس لاءِ متبادل انتظام ڪرڻ ۽ ڪنهن بہ ٽيڪنيڪل خرابي جي صورت ۾ فوري مرمت کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون.

ڊپٽي ڪمشنر نادر شھزاد اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايتون ڏنيون تہ ڪنٽرول رومز قائم ڪيا وڃن، جنھن لاء سڀني لاڳاپيل ڊپارٽمينٽس جي فوڪل پرسنز جا نالا ۽ رابطہ نمبر ڏنا وڃن تہ جيئن رابطيڻجو عمل مؤثر بڻجي سگهي. ھن انتظاميا کي پبلڪ لاء پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي  يقيني بڻائڻ بابت پڻ هدايتون ڏنيون. ڊپٽي ڪمشنر سکر چيو تہ هن قومي نوعيت جي ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن ادارن کي گڏيل سهڪار سان بھترين انتظام ڪرڻا پوندا.#

آگسٽ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو