دادو ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج، بااثرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو ويجهو پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو احتجاج، حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، دادو جي يونين ڪائونسل پير ترهو جي مختلف ڳوٺن جي آبادگارن ۽ هارين پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن بعد دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ سولنگي ويلفئير جي صدر ايڊووڪيٽ ممتاز علي سولنگي آبادگارن جو چوڻ هو ته هن وقت رونبن جي موسم آهي،
پر نور واھ کان ٽيل تائين پاڻي نه ٿو پهچي، جنهن سبب زمينون سڪي رهيون آهن، ٻج ۽ مرچ، ڪمند جا بيٺل فصل سڙي ختم ٿيڻ جي ڪگار تي آهن. هنن ٻڌايو ته پاڻي نه ملڻ ڪري لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، اسان آبادگار پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺاڻن سان گڏجي چندو ڪري، سهاڳ، ٻٻر، شينا، هاتار، جمالي، مڱڻهار، سولنگي سميت مختلف برادرين جا آبادگار هاري گڏجي ڪرين مشين ڪرائي تي ڪرائي نور واھ جي کاٽي ڪرائڻ لاءِ پهتاسون، جتي سرڪاري عملدار،
داروغو ۽ سروئير پڻ موجود هئا ۽ سندن نگرانيءَ ۾ کاٽي جو عمل شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ھنن الزام لڳايو ته علائقي جي ڪجهه بااثر ماڻهن کاٽي کڻڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ڪرين کي زبردستي موٽائي ڇڏيو. ان واقعي کانپوءِ مظاهرين ايريگيشن کاتي کي درخواست ڏيڻ اي سي آفيس پهتا، جتي ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪرڻ باوجود ڪو به آفيسر يا ڪلارڪ موجود نه هو جيڪو درخواست وصول ڪري.
مظاهرين ايريگيشن آفيس ۾ پڻ احتجاج ڪيو ۽ آخرڪار پريس ڪلب دادو پهچي پنهنجن مطالبن بابت پريس ڪانفرنس دوران ايڊووڪيٽ ممتاز علي سولنگي، ايڊووڪيٽ عبدالوحيد سولنگي، ايڊووڪيٽ فياض علي سولنگي، بخشل خان سولنگي، رئيس احمد نواز سولنگي، غلام حيدر سولنگي، عبدالستار سولنگي، سرائي انور علي سهاڳ، سرائي غلام نبي سهاڳ، سرائي شمس الدين ٻٻر، سرائي پير بخش ٻٻر، عابد علي ٻٻر،
رستم ٻٻر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زرعي زمينن کي پاڻي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ۽ آبادگارن پاران پاڻمرادو ڪرايل کاٽي ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن فوري طور تي پاڻي پڇڙي تائين نه پهچايو ويو ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا ۽ عدالت جو در پڻ کڙڪائيندا،
آگسٽ 5, 2025