دادو ۾ سون ڊبل ڪرڻ جي نالي تي غريب عورت سان وڏو ٺڳ، 15 لک رپين جو سون ڦٻائي فرار
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو ٺڳ عورت کي سون ڊبل ڪرڻ جي نالي تي لکين رپين جو سون ڦٻائي ويا، دادو ۾ ٺڳن وڌيڪ هڪ غريب پورهيت عورت کي سون ڊبل ڪرڻ جي لالچ ڏيئي لکين رپين جو نقصان پهچائي فرار ٿي ويا. دادو جي علائقي موندر ناڪي جي رهواسي مهراب علي ابڙو دادو پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيو ته سندس ماءُ ڦاپل کي نامعلوم ٽن ڄڻن سون ڊبل ڪرڻ جو چٿر ڏيئي لڳ ڀڳ 12 کان 15 لک رپين جو قيمتي سون ڦٻائي فرار ٿي ويا آهن،
هو رڪشه تي سوار ٿي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ ان کي مسافر بڻجي پنهجي ڏٽن ۾ آندو مهراب علي موجب، ٺڳن سندس ماءُ سان چالاڪي سان ڳالهائيندي کيس اعتماد ۾ وٺي گهر ۾ موجود سمورو سون وٺي ويا، ۽ بعد ۾ غائب ٿي ويا. هن ٻڌايو ته هن واقعي جي فوري طور تي اطلاع پوليس کي ڏني آهي ۽ ٿاڻي اي سيڪشن تي باقاعدي شڪايت پڻ داخل ڪرائي وئي آهي
هن وڌيڪ چيو ته واقعي جي ويجهو لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائن ۾ ٺڳن جا چهرا صاف سڃاڻپ لائق رڪارڊ ٿيل آهن، جيڪي پوليس کي مهيا ڪيا ويا آهن. مهراب علي ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي کي اپيل ڪئي آهي ته اسين غريب پورهيت ماڻهون آهيون، مهرباني ڪري انصاف ڪيو وڃي، ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي سندن سون واپس ڪرايو وڃي هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته دادو ۾ اهڙي قسم جا فراڊ وڌي ويا آهن
۽ پوليس کي گهرجي ته اهڙن وارداتين خلاف سخت قدم کڻي شهري امن امان ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن پڻ ميونسپل جي ريٽائرڊ ملازم کان ٺڳ پينشن ڦٻائي فرار ٿي ويا هئا،
آگسٽ 5, 2025