بجلي واهپيدارن لاءِ خوشخبري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 75 پيسا في يونٽ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اٿارٽي سي پي پي اي جي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، نيپرا طرفان ڊيٽا جو وڌيڪ جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو جاري ڪيو ويندو.
مالي سال 25-2024 جي آخري ٽن مهينن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي سببن جو جائزو ورتو ويو، بجلي جي اگهن ۾ لاٿ سان واهپيدارن کي 53 ارب 39 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو.
ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ سميت سرڪاري ڊسڪوز تي به لاڳو ٿيندي، اٿارٽي کي ٻڌايو ويو ته سرڪلر ڊيٽ 780 ارب رپيا گهٽ ٿي ويو آهي.

آگسٽ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو