ڊاڪٽر ڪرپال داس ۽ سندس ساٿين تي قاتلاڻو حملو: سنڌ ۾ حڪومتي رٽ جو سوال

Spread the love

سنڌ ۾ حڪومتي رٽ محض بيانن ۽ فوٽو سيشن تائين محدود ٿي وئي آهي، حقيقي طور تي حڪومت جو ڪردار ۽ عمل دخل ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته سنڌ ۾ جهنگ جو قانون رائج آهي، جتي جيڪو ڏاڍو سو گابو بڻيل آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پڻ بي وسي ۽ نااهليءَ جو مجسمو بڻجي چڪا آهن. اهڙي بدامني ۽ بدانتظامي جي نتيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ گهر ۽ روڊ رستا، اسپتالون ۽  سڀئي هنڌ غير محفوظ بڻجي چڪا آهن. ڇاڪاڻ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي بادشاهت قائم ٿي چڪي آهي. هي سڄو ڏهڪاءُ ڪو اوچتو پيدا ناهي ٿيو پر سالن کان جاري بيڊ گورننس، سياسي مصلحتن، پوليس جي سياسي وابستگين ۽ حڪومتي بي حسيءَ جو اهڙو منطقي انجام آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڌاڙيلن جا راڄ مضبوط ٿيندا ويا، انهن جا نيٽ ورڪ، وڏيرن، ڪجهه پوليس عملدارن ۽ بااثر شخصيتن جي پٺڀرائي سان ايترا ته طاقتور بڻجي ويا آهن جو اهي هاڻ هو ڪچي جي ٻيلن تائين محدود ناهن رهيا پر هاڻ اهي شهرن تائين پهچي چڪا آهن جو اهي نه رڳو هاڻ سري عام ڏينهن ڏٺي جو شهرن مان ڦرون ڌاڙا ۽ اغوا جون وارداتون ڪرڻ لڳا آهن پر ان کان اڳتي وڌي ڌاڙيل پوليس جي موجودگيءَ ۾ هٿيارن جي نمائش  ڪندي ويڊيو ريڪارڊ ڪري سنڌ جي ماڻهن  کي اهو پيغام ڏيڻ لڳا آهن ته پوليس اسان کي لٽ ڦر واري رستي تي روڪڻ ۾ بلڪل ئي بيوس ۽ لاچار آهي، بلڪه سهولتڪار بڻيل آهي.

ڊاڪٽر ڪرپال داس، جيڪو سکر جي سول اسپتال ۾ هڪ سينيئر پروفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، هو جڏهن سکر کان خيرپور وڃي رهيو هو ته نئين پل بئراج وٽ هٿياربندن سندس گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر ڪرپال داس ته معجزاتي طور محفوظ رهيو، پر سندس ساٿي، نوجوان ٽيڪنيشن وزير بوھڙ گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويو. ان واقعي کان پوءِ پوليس پاران سرچ آپريشن ڪري ڪجهه شڪي ماڻهن جي گرفتاري جون دعوائون ته ڪيون آهن، پر اڃا تائين پوليس مطمئن ڪندڙ نتيجا ڏئي ناهي سگهي، ڇاڪاڻ ته جيڪا ڪارروائي ماڻهن کي تحفظ جو احساس نه ڏياري سگهي، جيڪا ڪارروائي قاتلن کي روڪي نه سگهي، جيڪا ڪارروائي صرف بيانن تائين محدود رهي، اها رڳو وقت جو ضايع ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. ڊاڪٽر ڪرپال داس تي ٿيل حملو نه رڳو بدامنيءَ جو بدترين ۽ افسوسناڪ واقعو آهي، پر ان سان گڏوگڏ اهو پڻ ثابت ٿو ڪري ته هاڻي ڊاڪٽر، جيڪي انساني جانين جي بچاءَ لاءِ ڪلينڪ، اسپتالن ۽ ايمرجنسي وارڊن ۾ جاکوڙين ٿا، سي به محفوظ ناهن. ڊاڪٽر وزير بوھڙ جو قتل دراصل حڪومتي ۽ انتظامي  ناڪاميءَ جو جنازو آهي.

سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ ڏوهاري ايترا طاقت ور ڇو آهن؟  سيڪيورٽي ادارا خاموش ڇو آهن؟  اسپتالن کان وٺي اسڪولن، بازارن ۽ گهرن تائين عدم تحفظ جي لهر ڇانيل ڇو آهي؟ ڇو هر روز ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان اغوا، ڌاڙا، فائرنگ ۽ قتل جا واقعا پيش اچي آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ڇو ناڪام بڻيل آهن؟ ڪشمور مان وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته  اغوا، قتل توڙي ڌاڙن جي وارداتن ۾ ملوث ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل ضلعي جا بدنام ڌاڙيل صدام ڪوڪاري ۽ نصرو ڪوڪاري پوليس موبائيل جي ڀرسان هٿيارن جي نمائش ڪري رهيا آهن، اها اهڙي حڪومتي بيوسيءَ ۽ لاقانونيت آهي، جيڪا ڪنهن به حڪومت لاءِ به شرم جو باعث بڻجي سگهي ٿي. ان کان وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه اها آهي ته انهن ڏوهارين خلاف ڪا به تڪڙي ۽ نتيجا خيز ڪارروائي عمل ۾ نه آئي آهي، سواءِ هڪ پوليس انچارج کي معطل ڪرڻ جي.

سنڌ جي موجوده حالتن کي جيڪڏهن امن جي قتل عام جو نالو ڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. هتي  نه رڳو عام شهري، پر تعليم، صحت، واپار، قانون، صحافت، ادب ۽ ڀلائي واري ڪمن سان لاڳاپيل ماڻهو به غير محفوظ بڻيل آهن.انهي پسمنظر ۾ جڏهن شهري عوام، پنچائتن جا اڳواڻ، ميڊيڪل ايسوسيئيشن جا نمائندا، سياسي پارٽيون، استادن جا اتحاد، صحافي برادري ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاران ايس ايس پي سکر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ته اهو رڳو انتظامي تبديلي جو مطالبو نه آهي، پر اها ماڻهن جي دلين ۾ موجود خوف جي خلاف هڪ جدوجهد آهي، جيڪا بدامنيءَ جي خلاف هڪ قومي مزاحمت جو شڪل اختيار ڪري رهي آهي. پوليس جو ڪم آهي ته هو امن قائم ڪري، ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي تائين پهچائي، عوام کي تحفظ جو احساس ڏياري، پر جيڪڏهن پوليس پاڻ ئي ڏهارين سان ٻٽ بڻجي سندن سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري ته پوءِ اهڙن ادارن جي موجودگيءَ جو ڪهڙو فائدو ؟

سکر ۾ ٿيل ان افسوس ناڪ واقعي ۽ ان کان پوءِ ٿيل احتجاجن، بيانن ۽ ڌرڻن مان صاف ظاهر آهي ته عوام هاڻي صرف بيان نه ٿو چاهي، هو عمل ٿو چاهي. هو پنهنجي حفاظت ۽ تحفظ ٿو چاهي، هو قانون جي حڪمراني ٿو چاهي، هو پوليس جي نئين حڪمت عملي، مؤثر نگراني، ڏوهارين خلاف نتيجا خيز آپريشن ۽ عوامي امن جي بحالي چاهي ٿو. جيڪڏهن اهو سڀ نه ٿو ملي، ته پوءِ سوال صرف سنڌ جو نه رهندو، پوءِ سوال حڪومت جي وجود جو ٿيندو.

اسين سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر ڪرپال داس  تي حملي  جي جوابدارن ۽ سندس ساٿي وزير بوهڙ جي قاتلن کي بنا ڪنهن دير گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي  ان سان گڏ سکر  ۽ خيرپور سميت سڄي سنڌ ۾ امن و امان جي خراب ٿيل صورتحال  کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جنهن سان سنڌ جي ماڻهن جي ماڻهن جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي.

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو