پاڪستان ”ڀارت نواز“ ڊبليو سي ايل تي مڪمل پابندي هڻي ڇڏي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريقا هٿان پاڪستان جي شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳتي ان ٽورنامينٽ ۾ شرڪت تي پابندي جو فيصلو ڪيو آهي.
آچر ڏينهن لاهور ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ٿيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊرز (ڊبليو سي ايل) جي ٻٽي معيار ۽ تعصباڻي رويي تي مايوسي ۽ سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو.
پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ رد ٿيڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيو ته ڊبليو سي ايل ڄاڻي واڻي ميچون نه کيڏندڙ ٽيم کي پوائنٽون ڏيڻ جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو، جيڪو راند جي روح جي ابتڙ آهي، عالمي راندين جي دنيا ۾ ٻٽو معيار ۽ تعصباڻو رويو قبولڻ جوڳو ناهي.
پي سي بي موجب ٻاهرئين دٻاءَ تي راندين جي اڻ ڌرين اصولن جي ڀڃڪڙي سان انتهائي افسوسناڪ صورتحال پيدا ٿي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳتي پنهنجي ٽيم کي ان ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ نٿو موڪلي سگهي.

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو