مردن جي سيني تي وار: عتيقا اوڍو پنهنجي تڪراري بيانن جي حمايت ۾ اچي وئي

لاھور(ويب ڊيسڪ) جي ٽي وي ۽ فلم انڊسٽريءَ جي سينيئر اداڪارا عتيقا اوڍو تازي انٽرويو ۾ پنهنجي ڪجهه تڪراري بيانن جو کلي دل سان دفاع ڪيو آهي.
عتيقا اوڍو پنهنجي شو ’’ڪيا ڊراما هي‘‘ دوران وائرل ٿيندڙ تڪراري بيانن بابت ڳالهايو، جن ۾ ارينج شادي ۽ اداڪار علي رضا جي سيني جي وارَن بابت ڏنل بيان شامل هئا.
عتيقا اوڍو وضاحت ڪندي چيو اها ڳالهه مون پنهنجي شو ’ڪيا ڊراما هي‘ ۾ ڪئي هئي، جتي مون سوال اٿاريو هو ته ٻه ڌاريا، هڪٻئي کان اڻڄاڻ ماڻهو جڏهن شادي ڪن ٿا ته انهن کي ڪيئن محسوس ٿيندو هوندو؟ ان تي مون کي انسٽاگرام تي ڪيترن ئي ماڻهن پيغام موڪليا ۽ پنهنجون ڏکيائيون شيئر ڪيون. مون اها ڳالهه ڪنهن ناڪاري لهجي ۾ نه ڪئي هئي، رڳو هڪ انساني تجسس طور پڇيو ته جيڪي ماڻهو هڪ ڏينهن اڳ تائين هڪ ٻئي لاءِ اڻڄاڻ هئا، اهي هڪ ڏينهن ۾ ڪيئن مڙس-زال بڻجي وڃن ٿا؟‘‘
علي رضا جي سيني جي وارَن بابت تبصري جي وضاحت ڏيندي عتيقا اوڍو چيو اسان پنهنجي شو ۾ فني ۽ ٽيڪنيڪي ڳالهيون ڪيون ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ٻيون شيون وائرل ٿي وڃن ٿيون. جيئن منهنجو علي رضا جي سيني جي وارن بابت بيان وائرل ٿي ويو، جنهن ۾ مون چيو هو ته ٽي وي تي مردن جو وارن وارو سينو ڏيکارڻ مناسب ناهي لڳندو. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان نون اداڪارن جي حوصلا افزائي نه ٿا ڪريون.‘‘
هن وڌيڪ چيو اسين سينيئرز انهن نوجوان فنڪارن لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهيون. علي رضا ۽ ٻيا نوان اداڪار اسان لاءِ ٻارن جهڙا آهن. جيڪڏهن اسين ڪجهه چئون ٿا ته اها رڳو سڌاري جي نيت سان هوندو آهي. افسوس ته سوشل ميڊيا هر ڳالهه کي تماشو بڻائي ڇڏيندو آهي.‘‘
عتيقا اوڍو جو ڳالهائڻ جو انداز صاف، سڌو ۽ سنجيده رهيو، جنهن ۾ هن پنهنجي موقف کي چٽيءَ نموني پيش ڪندي ميڊيا تي ٿيندڙ غير ضروري ردعمل تي به افسوس جو اظهار ڪيو.
آگسٽ 4, 2025