فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي نئون رخ ڏياري رهيو آهي: آمريڪي ميگزين جو مضمون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)رطانوي رسالي “دي اڪانومسٽ” ۾ ڇپيل مضمون ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني آرمي چيف فِيلڊ مارشل عاصم منير
آمريڪا سان لاڳاپن کي نئون رخ ڏيارڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.
مضمون مطابق آرمي چيف عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات خطي ۾ سفارتي تبديلي جي شروعات هئي.
مضمون ۾ فِيلڊ مارشل عاصم منير جي عالمي سطح تي سفارتي ڪوششن کي فائدي مند قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ نون گرمجوش لاڳاپن جو قيام ۽ آمريڪا جي ڀارت بابت پاليسي ۾ تبديلي، انهن ڪاميابين جا مثال آهن. گڏوگڏ، فِيلڊ مارشل جو ڪشمير بابت واضح موقف ۽ ٽرمپ پاران ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽئريف لاڳو ڪرڻ به انهن ڪاميابين سان جڙيل آهي.
رپورٽ موجب آمريڪا ۽ پاڪستان واپاري، دهشتگردي جي روڪٿام ۽ وچ اوڀر بابت پاليسين تي مشاورت جي بنياد تي لاڳاپا بهتر بڻائي رهيا آهن، جيڪو ڀارت لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي.
“دي اڪانومسٽ” لکي ٿو ته فِيلڊ مارشل جي ڪوششن سبب ئي آمريڪا هاڻ پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ بڪتر بند گاڏيون ۽ نائيٽ ويزن چشما وڪرو ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فِيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ چاهي ٿو، پر ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ان ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.
آگسٽ 4, 2025