شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه ۾ آزادي ڏينهن جي حوالي سان ريلي، امن ۽ قومي يڪجهتي جو اظهار

Spread the love

نواب شاه ( رپورٽ :عبدالفتاح رند )  شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد نوابشاهه ۾ 14 آگسٽ جي آزادي ڏينهن جي تيارين جي سلسلي ۾، آپريشن بنيان مرصوص جي حمايت ۽ قومي يڪجهتي جي اظهار طور هڪ شاندار ريلي جو اهتمام ڪيو ويو. ريلي جي قيادت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاه ڪئي، جڏهن ته يونيورسٽي جي استادن، شاگردن، انتظاميا ۽ سيڪيورٽي اسٽاف وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪ کان شروع ٿي، ڪيمپس جي مختلف حصن مان گذري. زيرو پوائنٽ تي ملي نغمن ۽ قومي جهنڊن جي لهرايو ويو. ريلي جو مقصد ملڪ اندر جاري امن جي فضا کي ڀيٽا ڏيڻ، آپريشن بنيان مرصوص جي حمايت جو اظهار ڪرڻ، ۽ نوجوانن کي قومي ذميوارين بابت آگاهي ڏيڻ هو. ايڊمن بلاڪ تي وائيس چانسلر پروفيسرڊاڪٽر مدد علي شاه ريلس جي شرڪائن کي خطاب ڪندي چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام جي علامت آهي.

اسان جي يونيورسٽي جو هر استاد، هر شاگرد امن، علم، ۽ ترقي لاءِ پرعزم آهي.14 آگسٽ تي آزادي جي جشن سان گڏ، امن جي تحفظ لاءِ ادارن سان گڏ بيهڻ اسان جي اخلاقي ذميواري آهي. جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، ڊاڪٽر صدف افضل ۽ ٻين چيو ته اخلاقي حدن ۾ رهندي شاگردن کي هر ڪا ايڪٽوٽي ڪرڻ گهرجي. ملڪ جي نوجوانن کي علم، قانون جي پاسداري ڪري ملڪ کي ترقي لا۽ سوچڻ گھرجي.

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو