سکر: سنڌ پوليس پاران شهيدن جي ڏهاڙي تي آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ پروقار تقريب، شهيدن کي ڀيٽا ۽ وارثن لاءِ مالي امداد جو اعلان

Spread the love

سکر(رپورٽ : امداد گل ڪلوڙ)سنڌ پوليس سکر ريجن پاران آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پروقا تقريب منعقد. تقريب ۾ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاھ جي مهمان خاص طور شرڪت۔ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاھ طرفان سکر ضلعي جي شھيد پوليس اهلڪارن جي وارثن لاء مالي امداد جو اعلان۔

4 آگسٽ شهيدن جي ڏهاڙي تي سنڌ پوليس سکر ريجن پاران آءِ بي اي سکر ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه مھمان خاص طور شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي, ڊي آئي جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ, ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شھزاد خان, ايس ايس پي سکر اظھر مغل، ونگ ڪمانڊر پاڪستان رينجرز ڪرنل عاطف, ڊپٽي ميئر سکر ارشد مغل سميت پوليس شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ دستاويزي فلم پيش ڪئي وئي، جيڪا حاضرین کي جذباتي ڪري ڇڏيو۔ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪميل حيدر شاهه خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڪڏهن به وساري نٿا سگھجن، اهي قوم جا حقيقي هيرو آهن.

انهن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. هر سال 4 آگسٽ تي اهڙي تقريب ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي۔ ان موقعي تي چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر چيو ته شهيد هميشه زنده هوندا آهن، انهن کي ياد رکڻ ۽ انهن جي خاندانن جو خيال رکڻ اسان سڀني تي فرض آهي۔ ان موقعي تي ڪميل حيدر شاھ چيو ته شهيدن جي خاندانن لاءِ هڪ لک روپيا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پاران تحفي طور ڏنا ويا آهن جڏهن ته شهيدن لاء مختص 20 ايڪڙ زمين وڌائي 25 ايڪڙ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي چيو ته اسان جي حفاظت خاطر شهيدن پنهنجون قيمتي حياتيون قربان ڪيون.

سنڌ حڪومت شهيدن جي خاندانن لاءِ نوڪرين ۾ سن ڪوٽا ۽ ٻارن جي تعليم جي ذميواري نڀائي رهي آهي۔ ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسين پوليس کاتي ۾ هڪ واٽس ايپ گروپ قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ شهيدن جي خاندانن جا نمبر شامل ڪيا ويا آهن، ته جيئن اهي پنهنجي مسئلن کي سڌو اسان سان شيئر ڪري سگهن، ۽ اسين انهن مسئلن جو فوري حل فراهم ڪري سگهون.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان چيو ته شهادت جو رتبو تمام اعليٰ ۽ مقدس رتبو آهي. اسان سڀني جو فرض آهي ته شهيدن جي خاندانن جو خاص خيال رکجي. مان سڀني شهيدن جي خاندانن کي سلام پيش ڪريان ٿو. تقريب جي آخر ۾ شهيدن جي وارثن ۾ تحفا پڻ ورهايا ويا.

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو