سنڌ جي سياست، اقتدار جي راند ۽ عوامي بي تعلقي
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)درگاهه پيرذاڪري جي گادي نشين سيد منير شاهه ذاڪري سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ھتي جيڪي اقتدار ۽ عهدا ڏين ٿا اهي واپس وٺڻ به ڄاڻن ٿا انڪري منھنجي خيال ۾ تہ صدر آصف زرداري جي ھٽائڻ بابت جيڪو شوشو ڇڏيو ويو آهي، اهڙی ڪا به ڳالھ ڪانھي. البت 27 آئيني ترميم جو جيڪو چوٻول آھي ٿي سگهي ٿو ان ۾ ڪجھ اهڙيون شقون به هجن جن لاء پريشر وجھڻ مقصد ھجي. پاڪستان ۾ ھڪ آزموده طريقو ، اهڙي قسم جون ڳالهيون پکيڙي ڪنهن خاص ايجنڊا تي راضي ڪرڻ به ھوندو آهي .
تاريخ پاڻ ورجائي پئي.هن چيو ته 1934 ۾ به سنڌ پيپلز پارٽي” ٺھي هئي جنهن ۾ سر شاهنواز ڀٽو صدر ۽ سائين جي ايم سيد جوائنٽ سيڪريٽري ھئا۔ھاڻ 91 سالن کانپوء ھڪ ڀيرو وري ”پوٽو“۽ “پڙپوٽو“ ( سائين زين شاه ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر )گڏجي سياست ڪرڻ جوسوچين پيا۔ اڳ ۾ ٺاھيل پارٽي ۾ ٻئي شخصيتون ھڪ سال به گڏ ھلي نه سگھيون ھيون.
ھاڻ ڏسون ته الڳ الڳ پارٽين ۾ هوندي ,ڪيترو وقت گڏ هلي سگهندا. باقي جنهن نموني سان سنڌ گورنمينٽ جي ترجمانن بيان بازي شروع ڪئي آ، ان مان ته لڳي ٿو ته ھنن پريشر محسوس ڪيو آهي. ھو ڀلي مرتضا ڀٽو جو مثال ڏين پر اھو به سمجهن ٿا ته وقت ساڳيو ناهي رھيو. پاڪستان جي موجودہ صورتحال۾ اليڪشني / پارلياماني سياست ڪنھن به نظرئي جي بنياد تي ڪري ئي نٿي سگھجي . جيڪو به فرد يا پارٽي اهڙي دعوى ڪري ٿو، اھو غلط بياني کان ڪم ٿو وٺي. موجوده اليڪشني سياست نظرياتي بنياد بجاء اقتدار جي حاصلات ۾ پنھنجي ڪنھن حصي پتي لاء جاکوڙ آهي .
سماج ۾ هيٺيان مٿي تائين سڀ ڪرپشن وسيلي اڳتي نڪرڻ جي ڊوڙ ۾شامل آھن۔ ھڪڙا ان ۾ ڪامياب ٿيو وڃن ۽ ناڪام ٿيندڙ انھن کي گارين ڏيڻ ۾ پورا آھن . اليڪشني سياستدان اها سياست ڪندا جيڪا بازار ۾ اگھامي سگھي. اسان جو عام ماڻهو انهيء ۾ ئي خوش آ ته چونڊيل نمائندا يا پارٽي اڳواڻ منهنجي دعوتن ۾ اچن۔
سو ماشا الله اسان جا نمائيندا ، شادين ، طوهرن ، عقيقن کان ويندي تڏي تي به پھچيو وڃن ، جنازي نماز ۾ به پهرين صفن ۾ هوندا آهن. ھاڻ ته خيرن سان اهي عرس، نياز توڙي خيراتون به ڪون ٿا ڇڏين. باقي رهيا ماڻھن جا مسئلا ، اهي پيا حل ٿيندا۔ ترقياتي ڪم به ھلن پيا ، آفيسر توڻي ٺيڪيدار پنھنجا آهن، اهي روڊ ۽ بلڊنگون ٺاھن پيا . نوڪريون مارڪيٽ ۾ موجود آھن. باقي ڪرپشن,ادارن جي زوال ۽ سنڌ جي ترقي يا تنزلي سان عوام جو ڪھڙو تعلق ۽ ڪھڙو واسطو آهي.
آگسٽ 4, 2025