بنون ۾ پوليس چوڪي تي حملو، اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

Spread the love

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ رات دير سان دهشتگردن ڳرن هٿيارن سان پوليس چوڪي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
دهشتگردن پوليس چوڪي فتح خيل تي حملو ڪيو، جنهن ۾ اهلڪار روح نياز خان شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
پوليس جي جوانن ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻيا فرار ٿي ويا.
ريسڪيو ٽيم زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال پهچايو، جڏهن ته شهيد اهلڪار روح نياز خان جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي، پوليس جي دستي شهيد جي مڙهه کي سلامي پيش ڪئي ۽ گل نڇاور ڪيا.

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو