ڪوٽڙي: علي بابا ڊگري ڪاليج ۾ جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي عنوان سان شاندار تقريب ۽ ريلي جو اهتمام
ڄامشورو ( رپورٽ: محمد وارث)ڪوٽڙي گورنمينٽ علي بابا ڊگري ڪاليج پاران جشن آزادي ۽ معرڪه حق جي عنوان سان تقريب ۽ ريلي ڪڍي وئي تفصيل موجب ڪوٽڙي گورنمينٽ علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج ۾ جشن آزادي معرڪه حق جي عنوان سان ھڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو تقريب کي خطاب ڪندي مھمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر مانجھند اسد ڪريم سومرو،
پرنسپال فضل ڪريم صديقي ۽ پروفيسر محمد نواز سومرو ۽ ٻين چيو ته معرڪه حق پاڪ فوج جي جوانن ۽ پاڪستان جي بانين ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا مقررين چيو ته آزادي اسان کي وڏين قربانين کان پوءِ ملي آهي، جنهن جي تحفظ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته جشن آزادي جون تقريبون پوري ضلعي ۾ 14 آگسٽ تائين جاري رهنديون،
ان موقعي مختيارڪار ڪوٽڙي ماجد علي خاصخيلي، پروفيسر حافظ محمد سومرو، اسٽاف آفيسر عرفان علي چنا، رفيق خاصخيلي، ڪاليج جي فوڪل پرسن سھيل قمبراڻي سميت، ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي تقريب کان پوءِ جشن آزادي جي حوالي سان ڪاليج ۾ ھڪ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ويا
آگسٽ 3, 2025