چوماسي برساتن جي شدت ۾ واڌ، 4 آگسٽ کان مِينهن ئي مِينهن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 4 کان 7 آگسٽ دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب سومر کان اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڪر وسندا، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به تيز هوائن ۽ کنوڻ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته 4 آگسٽ کان چوماسي برساتن جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي، راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي.