ڀارت ۾ بنگلاديشي ماڊل گرفتار، وڏو الزام لڳي ويس!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي يوٽيوبر ۽ ماڊل شانتا پال کي ڪيترائي جعلي ڀارتي دستاويز رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، اها گرفتاري ڪلڪتي جي علائقي بڪرم ڳڙهه ۾ عمل ۾ آئي، جتي هوءَ هڪ مسواڙ جي فليٽ ۾ رهندي هئي.
ڀارتي ميڊيا موجب 28 ورهين جي شانتا پال جي قبضي مان ٻه جعلي آڌار ڪارڊ، هڪ ووٽر آءِ ڊي، هڪ راشن ڪارڊ ۽ هڪ پين ڪارڊ برآمد ڪيو ويو آهي، جيڪا سمورا اولهه بنگال جي مختلف پتن تي رجسٽرڊ هئا.
گرفتاري کانپوءِ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ماڊل پنهنجي ويزا جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ڀارت ۾ لڪل هئي، جڏهن ته هوءَ 2023 ۾ ڪلڪتي آئي هئي.
ڀارتي اختيارين جي دعويٰ آهي ته شانتا پال بروڪرز جي هڪ نيٽ ورڪ ذريعي جعلي دستاويز حاصل ڪري رهي هئي.