پيٽروليم شين جا اگهه، حڪومت عوام سان وري جُٺ ڪري وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي ۾ ٻه رپيا 50 پيسا في ليٽر واڌ ڪري عوام کي مڪمل رليف کان محروم ڪري ڇڏيو.
حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام سان جٺ ڪري وئي، شهرين تي پيٽروليم ليوي جو بار وڌائيندي عوام کي مڪمل رليف کان محروم ڪيو ويو.
ذريعن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 74 رپيا 51 پيسا مان وڌائي 77 رپيا هڪ پيسو في ليٽر ڪئي وئي آهي، اهڙي ريت پيٽرول تي ليوي 75 رپيا 52 پيسا مان وڌائي 78 رپيا 2 پيسا في ليٽر ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل تي فريٽ مارجن به 20 پيسا في ليٽر وڌائي 6 رپيا 24 پيسا في ليٽر ڪيو ويو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي 2 رپيا 50 پيسا، ڊيلرز مارجن 8 رپيا 64 پيسا ۽ ڊسٽري بيوٽرز مارجن 7 رپيا 87 پيسا في ليٽر آهي.
ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي سيلز ٽيڪس جي شرح ٻڙي رکي وئي آهي، جيڪڏهن ليوي نه وڌائي وڃي ها ته پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ سستو ٿيڻ جو امڪان هو.

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو