ٺٽو: سِوِل اسپتال ۾ ريڪارڊ ٽيمپرنگ جا انڪشاف، انساني حقن جي تنظيم پاران سخت ردعمل ۽ جاچ جو مطالبو

Spread the love

ٺٽو:( رپورٽ: نظير احمد قريشي) ٺٽي سِوِل اسپتال صحت شعبي ۾ ريڪارڊ ٽيمپرنگ جا انڪشاف، بي سهارا مريضن جي زندگين سان بي رحماڻي راند انساني حقن جي تنظيم جو سخت ردعمل

 ٺٽي ضلعي جي صحت شعبي ۾ ريڪارڊ ٽيمپرنگ جا سنجيده الزام سامهون اچڻ کانپوءِ انتظامي نظام تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس ٺٽو پاران الزام لڳايو ويو آهي ته ريجنل ڊائريڪٽر آدم ملڪ، سول اسپتال جي سِول سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه، رٽائرڊ ڊاڪٽر سرور شيخ ۽ نان ٽيڪنيڪل عملي جي فرد رحمت الله ميمڻ پاران مبينا طور تي صحت جي ريڪارڊ ۾ غيرقانوني تبديليون ڪيون ويون آهن.

تنظيم جي بيان موجب، اهڙي عمل سان نه صرف غريب، بي سهارا مريضن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، پر دوا، ڊائلايسز ۽ ٻين بنيادي علاج جي سهولتن کان به مريضن کي محروم رکيو ويو آهي، جيڪو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي

هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس جي صدر انيس هلايو، جينرل سيڪريٽري ارشاد عمر گندرو ، يوٿ ونگ جي صدر شير علي شاهه، پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته فوري طور تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي؛

ملوث آفيسرن خلاف شفاف جاچ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي؛ صحت نظام کي شفاف ۽ احتساب جي تابع بڻايو وڃي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن صحت جهڙي حساس شعبي ۾ بي ضابطگيون بند نه ڪيون ويون ته انساني زندگين سان کيڏڻ جو عمل جاري رهندو، جنهن خلاف عوام کي خاموش نه رهڻ گهرجي.

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو